گڏيل قومون -04 مئي (اي پي پي) گڏيل قومن چيو آهي، ته 2022ع ۾ 25 ڪروڙ 80 لک ماڻهو شديد غذائي عدم تحفظ جو شڪار هئا، گذريل ڏينهن جاري ڪيل سڄي دنيا ۾ خوراڪ جي بحرانن تي گڏيل قومن جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي، ته 2022ع ۾ عالمي تڪرارن، موسمياتي تبديلي، ڪورونا وائرس جي وبا جي اثرن ۽ يوڪرين تي روس جي حملي سبب 58 ملڪن جي 25 ڪروڙ 80 لک ماڻهن کي شديد غذائي کوٽ کي منهن ڏيڻو پيو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي، ته صوماليه، افغانستان، برڪين?? فاسو، هيٽي، نائيجيريا، ڏکڻ سوڊان ۽ يمن ۾ ماڻه?? فاقا ڪٽڻ تي مجبور آهن ۽ ان دوران ڪيتريون ئي فوتگيون پڻ ٿيون آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 25 ڪروڙ 80 لک ماڻهن کي فوري خوراڪ جي ضرورت آهي. لڳاتار چوٿين سال ان??ن ماڻهن جي انگ ۾ اضافو ٿيو آهي. واضح رهي ته ورلڊ فوڊ پروگرام جي نئين سربراهه تنبيهه جاري ڪئي آهي، ته خوراڪ جي امداد فراهم ڪرڻ ل??ءِ سندس اداري جا وسيلا خطرناڪ حد تائين گهٽجي رهيا آهن.
سڄي دنيا ۾ 25 ڪروڙ 80 لک ماڻهو شديد غذائي عدم تحفظ جو شڪار آهن: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : کوئٹہ لاٹری