نيويارڪ- 21 جون (اي پي پي) آمريڪا پاران جاري ڪيل انس??ني حقن بابت سالي??ني رپورٽ ۾ ڀارت ۾ انس??ني حقن جي خلاف ورزين جو ذڪر ڪيو ويو آهي. برطانوي خابرو اداري موجب آمريڪي پرڏيهي کاتي چيو آهي ته رپورٽ ۾ ڀارت ۾ مذهبي اقليتن، اختلاف ڪندڙ ماڻهن ۽ صحافين کي نشانو ??ڻا??ڻ جا واقعا شامل آهن، هي رپورٽ آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن جي ان بيان جي هڪ سال کانپوءِ سامهون آئي آهي جنهن ۾ هن چيو هو ته آمريڪا ڀارت ۾ ڪجهه سرڪاري عملدارن، پوليس ۽ جيلن جي نگرانن طرفان ڪيل انس??ني حقن جي خلاف ورزين تي نگاهه رکي آهي. واضح رهي ته ويجهي اقتصادي لاڳاپن ۽ خطي ۾ چين جي مقابلي لاءِ آمريڪا لاءِ ڀارت جي اهميت ڪافي وڌيڪ آهي، ان لاءِ عام طور تي ڀارت تي آمريڪي تنقيد گهٽ ئي ٿيندي آهي. انڊيا ۾ انس??ني حقن جي اهم مسئلن ۾ حڪومت يا ان جي ڪارندن طرفان عدالت کان مٿانهين قتل جون تصديق ٿيل رپورٽون شامل آهن.رپورٽ ۾ شهرين تي تشدد، انهن سان غير انس??ني يا توهين آميز سلوڪ، پوليس ۽ جيل عملدارن طرفان سزا ڏيڻ، سياسي قيد ??ڻا??ڻ ۽ نظربندين سميت صحافين کي هروڀرو جي گرفتارين جو حوالو ڏنو ويو آهي. انس??ني حقن جون تنظيمون ڀارت ??زيراعظم نريندر مودي جي هندو قوم پرست پارٽي ڀارتيه جنتا پارٽي (بي جي پي) تحت هاڻوڪن سالن ۾ انس??ني حقن جي بگڙجندڙ صورتحال تي تسلسل سان ڳڻتي جو اظهار ڪري رهيون آهن.
ڀارت ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي آمريڪي رپورٽ جاري
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا ٹکٹ