سان فرانسسڪو-26 آڪٽوبر(اي پي پي) واٽس ا??پ، فيس بڪ، انسٽاگرام ۽ ٽريڪس جي مالڪ آمريڪي ٽيڪنالاجي ڪمپني ميٽا چيو آهي ته تازو ٽه ماهي دوران سندس خالص منافعو 11.6 ارب ڊالر رهيو جيڪو سالياني بنيادن تي (گذريل سال جي انهي مدي جي ڀيٽ ۾) ٻيڻ کان به وڌيڪ آهي. ان جو سبب ڪمپني جي آمدني ۾ اضافو آهي. فرانسيسي خابرو اداري ڪمپني جي چيف ايگزيڪ??ٽو آفيسر مارڪ زڪربرگ طرفان گذريل ڏينهن جاري ٿيل رپورٽ جي حوالي سان ٻڌايو ته ٽن مهينن دوران ميٽا جي آمدني 34 ارب ڊالر رهي جيڪا سالياني بنيادن تي 23 سيڪڙو ??ڌيڪ ۽ ان جو سبب فيس بڪ، انسٽاگرام ۽ واٽس ا??پ جي آمدني جو وڌڻ آهي. هن چيو ته فيس بڪ جي ماهوار صارفين جو تعداد 2022ع جي انهي مدي جي ڀيٽ ۾ معمولي اضافي سان 3.05 ارب رهيو، ميٽا جي فيملي ايپس جي ماهوار صارفين جو ڳاڻ??ٽو 3.96 رهيو جيڪو 2022ع جي ڀيٽ ۾ 7 سيڪڙو ??ڌيڪ آهي، ان رپورٽ کي جاري ڪرڻ تي ڪمپني جي شيئرز جي قيمت 2 سيڪڙو ??ڌي 306.69 ڊالر في شيئر تي پهچي وئي.
آمريڪي ٽيڪنالاجي ڪمپني ميٽا جي خالص منافعي ۾ ٽن مهينن دوران سالياني بنيادن تي ٻيڻ تي اضافو، ڳاڻيٽو 11.6 ڊالر رهيو
مضمون کا ماخذ : سانتا کا سرپرائز