پئرس-12 جنوري (اي پي پي) عالمي توانائي ايجنسي (آءِ اي اي) چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ 2023ع ۾ تجديد جوڳي توانائي (ريونيو ايبل انرجي) ۾ 50 سيڪڙو اضافو ٿي ويو. اردو نيوز موجب عالمي توانائي ايجنسي گذريل ڏينهن بيان ۾ ٻڌايو ته ايندڙ 5 سال ۾ متبادل توانائي جي پيداوار ۾ وڏو اضافو متوقع آهي. عالمي توانائي ايجنسي چيو ته دنيا جي توانائي جي نظام ۾ گذريل سال شامل ڪيل تجديد جوڳي توانائي ۾ 50 سيڪڙو اضافو ڏٺو ويو، بيان ۾ چيو ويو ته سولر پي وي ذريعي سڄي دنيا ۾ توانائي ۾ ٽيڻ تي اضافو ٿيو، اهڙي طرح 510 گيگاواٽس تائين پهچي و??ي. عالمي ايجنسي موجب چين ۾ گذريل سال سڀ کان وڌيڪ سولر انرجي پيدا ڪئي و??ي ج??ڪا ايتري توانائي جي برابر هئي ج??ڪا سڄي دنيا ۾ 2022ع ۾ سج جي روشني سان پيدا ڪئي و??ي هئي. چين هوا مان حاصل ڪيل توانائي ۾ هر سال 66 سيڪڙو اضافو ڪري رهيو آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته يورپ، آمر??ڪا ۽ برازيل ۾ به گذريل سال رڪارڊ رينيوايبل انرجي پيدا ڪئي و??ي. عالمي توانائي ايجنسي جي سربراهه ف??تح بيرول چيو ته موجوده پاليسيون ۽ مارڪيٽ جي صورتحال اها ظاهر ڪري ٿي ته دنيا ان حوالي سان 2030ع لاءِ رکيل هدفن کي حاصل ڪرڻ جي رستي تي گامزن آهي.
تجديد جوڳي توانائي ۾ 2023ع ۾ 50 سيڪڙو اضافو ٿيو: توانائي واري عالمي ايجنسي
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لائیو ڈرا