گڏيل قومون-09 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل پاڪستان جي شھر ڪراچي ۾ د??شت??رد حملي جي مذمت ڪئي آھي. پرڏيھي مي??يا مطابق گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ھڪ پريس بيان جاري ڪيو آهي جنھن ۾ پاڪستان جي شھر ڪراچي ۾ چيني انجنيئرن تي ٿيل د??شت??رد حملي جي شديد مذمت ڪئي وئي، جنھن جي نتيجي ۾ ٻه چيني ۽ ٻيا پاڪستاني شھري فوت ٿي ويا هئا ۽ حملي ۾ چيني ۽ پاڪستاني شھري زخمي پڻ ٿيا هئا. بيان ۾ چيو ويو ھو ته سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن ڪراچي ۾ بزدلاڻي د??شت??رد حملي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آھي.سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن ان ڳالھه ج?? ورجاءُ ڪيو ته د??شت??ردي ڪنهن به شڪل ۾ عال??ي امن ۽ سلامتي لاءِ سڀ کان وڏو خطرو آھي. ھن د??شت??رد ڪارروائين ۾ ملوث ماڻھن، منتظمين، مالي مدد- ڪندڙن ۽ سھولت ڪارن جو احتس??ب ڪرڻ ۽ کين انصاف جي ڪٽھڙي ۾ آڻڻ تي زور ڀريو. هنن سمورين رياستن تي زور ڀريو ته اهي عالمي قانون ۽ سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ٺھرائن تحت پنھنجي ذميوارين مطابق ان سلسلي ۾ چين ۽ پاڪستان جي حڪومتن سان گڏو گڏ ٻين سمورن لاڳاپيل اختيارين سان سھڪار ڪن. بيان ۾ چيو ويو آھي ته سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن ان ڳالھه ج?? ورجاءُ ڪيو ته د??شت??ردي جي ڪارروائي هر صورت ۾ ڪابل قبول ناهي.
گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل پاران پاڪستان جي شھر ڪراچي ۾ دھشتگرد حملي جي مذمت
مضمون کا ماخذ : ڈوپلا سینا