اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن پاناما پيپرز ڪيس جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي رد ڪندي سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي نظرثاني جي اپيل داخل ڪرڻ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته م??لم ليگ (ن) 4 جون 2018ع تائين پنهنجو مينڊيٽ مڪمل ڪندي، اڄ ج?? ڏينهن تاريخي نه پر ڪارو ڏينهن آهي، قوم جي حق حاڪميت کي پائمال ڪيو ويو آهي، اسان سان انصاف ناهي ٿيو، عدالت جي وقار کي مٿانهون رکنداسين. سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ پنجاب هائوس ۾ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن احسن اقبال، خواجه سعد رفيق، زاهد حامد، شاهد خاقان عباسي، انوشه رحمان ۽ ??ئر??سٽر ظفر الله پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪيو، ان موقعي تي قانون جي ماهر ??ئر??سٽر ظفر الله چيو ته عمران خان، شيخ رشيد ۽ سراج الحق جي پٽيشن کانپوءِ فيصلو ڪيو ويو، نواز شريف جي لنڊن جي فليٽس، سندس جي تقريرن جي وچ ۾ ٽڪراءُ کي جواز بڻائي فيصلو ڪيو ويو. نواز شريف جو موقف هو ته اسان ڪنهن فني معاملي ۾ ن?? پونداسين، اسان جو دامن صاف آهي
مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن پاران سپريم ڪورٽ جو فيصلو رد
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ خریدیں