لاهور – 09 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته جعلي خبر جو سها??و وٺي نواز شريف تي مني لانڊرنگ جو الزام هنيو پيو وڃي، ن??ب چيئرمين پاران نواز شريف تي مني لانڊرنگ جو الزام کل جوڳو آهي، ن??ب افواهن تي جاچ ڪري رهي آهي، ن??ب جي گواهن به نواز شريف جي حق ۾ گواهي ڏني آهي، اڄ تائين محمد نواز شريف جي خلاف هڪ رپئي جي ڪرپشن ثابت ناهي ٿي. هو سروسز اسپتال ۾ گهرو وزير پروفيسر احسن اقبال جي عيادت کانپوءِ صحافين سان ۽ مجيب الرحمان شامي سان ملاقات جي موقعي تي ڳالهائي رهي هئي. وفاقي وزير مريم اورنگزيب چ??و ته احسن اقبال سدائين ملڪ ۽ قوم جي خدمت ۽ ملڪي ترقي جي ڳال??ه ڪئي، قوم جي دعائن سان جلد هو اسان جي وچ ۾ هوندو ۽ ملڪ ۽ قوم جي خدمت جو سفر ٻيهر شروع ڪندو.
مضمون کا ماخذ : لیپریچون کی خوش قسمتی۔