جده – 19 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان 18 ۽ 19 سيپٽمبر تي سعودي فرمانروا شاهه سلمان بن ??بدالعزيز جي دعوت تي سعودي عرب جو 2 ڏينهن جو دورو ڪيو. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي?? ناڻي وارو وفاقي وزير اسد عمر، ا??لا??ات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ۽ وزيراعظم جو واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود پڻ ساڻس گڏ هئا. وزيراعظم عمران خان جو سعودي فرمانروا خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن ??بدالعزيز جده ۾ پنهنجي محل اچڻ تي استقبال ڪيو جتي کيس گارڊ آف آرنر ڏنو ويو. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن گڏيل لاڳاپن، علائقائي ۽ عالمي سياسي صورتحال ۽ مسلمان امت کي درپيش مسئلن تي خ??الن جي ڏي وٺ ڪئي. هن گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي تعاون جاري رکڻ جي خ??اهش ظاهر ڪئي.
مضمون کا ماخذ : رومن دولت