اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان بجلي ۽ گئس جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي هوالي سان آئوٽ آف دي باڪس حل ۽ تجويزن تي غور ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ماضي جي حڪومتن عوام ج?? قوت برداشت کي نظر ۾ رکڻ کانسواءِ ۽ ملڪي مفادن کي پٺتي رکندي مهانگا ۽ غيرمنطقي معاهدا ۽ انتظام ڪيا جنهن جو نتيجو مهانگي بجلي ۽ گردشي قرض جي صورت ۾ برآمد ٿيا آه??، موجوده حڪومت جي اولين ترجيح عوام خاص طور تي گهٽ آمدني وا??ن ۽ غربت جو شڪار ??اڻ??ن ۽ صنعتن جو فروغ آهي ته جيئن معيشت جو ڦي??و هلي. هن اها ڳالهه بجلي ۽ گئس جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ گهريلو صارفين ۽ صنعتن کي رليف ڏيڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي.
مضمون کا ماخذ : جوگوس ڈی لوٹیریا آن لائن