اسلام آباد/ دو??نب??-25 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاه محمود قريشي چيو آهي ته ??فغانستان ۾ امن ۽ استحڪام پاڪستان ۽ تاجڪستان سميت پوري خطي لاءِ اقتصادي سهڪار وڌائڻ ۽ رابطن کي هٿي وٺائڻ جي حوالي سان برابر اهميت وارو آهي. اهڙو اظهار هن دو??نب?? ۾ تاجڪستان جي صدر امام علي الرحمان سان ملاقات ۾ ڪيو. پرڏيهي آفيس مطابق شاه محمود قريشي تاجڪستان جي صدر کي وزيراعظم عمران خان طرفان نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو ۽ چيو ته پاڪستان ۽ تاجڪستان وچ ۾ اونها تاريخي ڀائراڻا ناتا آهن جيڪي برابر مذهبي، تهذيبي ۽ ثقافتي بنيادن تي ٻڌل آهن. هن چيو ته ٻن??ي ملڪن جي اعليٰ قيادت انهن ٻه طرفن ناتن کي وڌيڪ سگهارو بڻائڻ ۽ مستحڪم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. پرڏيهي وزير تاجڪستان سان گڏيل دلچسپي جي ڊگ??ي مدي وارن شعبن ۾ ٻه طرفي ناتن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ تاجڪستان جي صدر کي افغانستان جي موجوده صورتحال جي حوالي سان پاڪستان جي نقطئه نظر کان آگاهه ڪيو. شاه محمود قريشي چيو ته ??فغانستان ۾ امن ۽ استحڪام پاڪستان ۽ تاجڪستان سميت سڄي خطي لاءِ وڏي اهميت وارو آهي. شاه محمود قريشي گڏيل مقصدن کي ماڻڻ لاءِ گڏ??ل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. تاجڪستان جي صدر امام علي الرحمان چيو ته هو سيپٽ??بر 2021ع تي دو??نب?? ۾ منعقد ٿيندڙ شنگهائي سهڪار تنظيم جي اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان جي شرڪت جو منتظر آهي.
افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام پاڪستان ۽ تاجڪستان سميت پوري خطي لاءِ برابر اهميت وارو آهي: شاه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعدادوشمار