اسلام آباد – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته مختلف عالمي مالياتي ادارن وانگر ايشيائي ت??قياتي بئنڪ پاران به پاڪستاني معيشت ۾ بهتري جي اڳڀرائي خوش آئنده آهي، اي ڊي پي، سماجي ت??فظ، اداره جاتي سڌارن سان معاشي گروٿ، پاڪستان ۾ روانگي واپار ۾ اضافي ۽ مينيوفيڪچرنگ شعبي جي ڪارڪردگي ۾ نمايان بهتري جي ت??ديق ڪئي آهي. پنهنجي ٽوئِيٽ ۾ مملڪتي وزير چيو ته اي ڊي ??ي ڪورونا وائرس جي حملن دورا?? پاڪستان جي ڪامياب حڪمت عملي جو اعتراف ڪيو آهي?? هن چيو ته اسان جي مخالف ڌر شروع ئي پورو ملڪ بند ڪرڻ جو چوندي رهي پر وزيراعظم عمران خان ڏهاڙيدار طبقي جي مفاد ۽ معيشت جو ڦيٿو روان دوان رکڻ لاءِ بهترين حڪمت عملي اختيار ڪندي زندگين ۽ روزگار کي محفوظ بڻايو
مضمون کا ماخذ : جیک اور بین اسٹالک