اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي ايڪسپورٽ تي خصوصي ڌيان جي ڪري حڪومت پيداوار ۽ ايڪسپورٽ بيسڊ گروٿ تي ڪم ڪري رهي آهي، 22 -2021ع جي پهرين ٽه ماهي ۾ روانگي واپار 7 ارب ڊالر تائين پهچي ويو آهي، جيڪو گ??ريل سال 21 -2020ع جي پهرين ٽه ماهي ۾ 5.47 ارب ڊالر هو، روانگي اوپار ۾ 28 سيڪڙو اضافو ٿ??و آهي، هن مهيني ڪپهه جي پيداوار 100 سيڪڙو وڌي 3.8 ملين ڳٺڙين تائين پهچي وئي، پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته گذريل سال آڪٽوبر ۾ اها پيداوار 1.8 ملين ڳٺڙيون هيون، ان س??ن نه رڳو پاڪستان کي 5 سيڪڙو کان وڌيڪ جي ڊي پي گروٿ حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي پر ا??ان جي روانگي واپار ۾ به نمايان اضافو ٿ??ندو، هن چيو ته ماضي ۾ اسحاق ڊار جي ڪريڊٽ ڪارڊ ۽ مصنوعي گروٿ ??ان ملڪ ڏيوالپڻي جي ويجهو پهتو، هن چيو ته ن ليگ جي پنج سالن واري حڪومتي دور ۾ پاڪستان جو روانگي واپار وڌڻ جي بدران گهٽ ٿي ويو پاور لومز ڪٻاڙي جي اگهه تي وڪرو ٿ?? رهيون هيون.
حڪومت پيداوار ۽ ايڪسپورٽ بيسڊ گروٿ تي ڪم ڪري رهي آهي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : فائر جوکر