اسلام آباد – 14 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سان جمهوريه ڪانگو جي هٿياربند فوج جي ڪمانڊر ان چي??، ليفٽيننٽ جنرل اسڪابوي اسيندافال پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات جي دوران سفارتي، سياسي، اقتصادي، علائقائي ۽ سلامتي سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پرڏيهي وزسير چي?? ته براعظم آفريقه ۾ جمهوريه ڪانگو کي هڪ اهم ملڪ جي حيثيت حاصل آهي، پرڏيهي وزير وزيراعظم عمران خان ۽ پاڪستاني قي??دت پاران جمهوريه ڪانگو جي صدر ۽ آفريقي يونين جي چ??ئر??رسن فيلڪس انتوان شيسڪيدي لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو ۽ آفريقي يونين لاءِ سندس قي??دت ۽ خدمتن کي ساراهيو ۽ ڪانگو ۾ پرامن جمهوري حڪومت جي منتقلي تي مبارڪباد ڏني. پرڏيهي وزير جمهوريه ڪانگو جي پرڏيهي وزير ڪر??ٽوف آپالا لاءِ پاڪستان جي دوري جي دعوت جو پيغام ڏنو. پرڏيهي وزير چي?? ته پاڪستان، سفارتي حوالي سان ”انگيج آفريقه“ جي پاليسي تي گامزن آهي، پاڪستان علائقائي امن جي حوالي سان ڪانگو جي ڪر??ار جو معترف آهي، ڌرين جي وچ ۾ دفاع، تربيت، سيڪيورٽي جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ تي به ڳالهه ٻولهه ٿي، شاهه محمود قريشي چي?? ته گڏيل قومن جي مشن تحت جمهوريه ڪانگو ۾ قيام امن لاءِ پنهنجو ڪر??ار جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهيون، جمهوريه ڪانگو جي هٿياربند فوج جي ڪمانڊر ان چي?? ليفٽيننٽ جنرل اسڪابوي اسيندافال ڪانگو ۾ مقرر گڏيل قومن جي امن مشن ۾ پاڪستاني فورسز جي خدمتن کي ساراهيو.
پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سان جمهوريه ڪانگو جي هٿياربند فوج جي ڪمانڊر ان چيف جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : ایڈونچر کی کتاب