اسل??م آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم ??حمد شهباز شريف موٽرسائيڪل ۽ رڪشا وارن کي رعايتي اگهه تي پيٽرول جي فراهمي جو اصولي فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته وفاقي گادي واري شهر اسل??م آباد ۾ 10 لک ماڻهن کي رمضان المبارڪ ۾ مفت اٽو فراهم ڪيو ويندو، وزيراعظم سنڌ، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان کي به ان اسڪيم ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني آهي. وزيراعظم ??حمد شهباز شريف جي صدارت ۾ غريب ۽ وچولي ط??قي کي مهانگائي جي اثرن کان بچائڻ جي لاءِ قدمن تي اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، پيٽروليم واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي هدايت موجب اسل??م آباد ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ رمضان دوران مفت اٽي جي فراهمي ڪئي ويندي جنهن جي لاءِ پروگرام حت??ي مرحلن ۾ آهي، ان اسڪيم سان اسل??م آباد جي اٽڪل ڏيڍ لک خاندانن کي مفت اٽو ورهايو ويندو. اجلاس کي موٽرسائيڪل ۽ رڪشا وارن جي لاءِ رعايتي اگهه تي پيٽرول تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ان حوالي سان مخ??لف تجويزون پيش ڪيون ويون. وزيراعظم ??روگرام کي حتمي شڪل ڏئي جلد پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته موٽرسائيڪل ۽ رڪشا وارا معاشي طور تي ڪمزور ط??قي سان تعلق رکن ٿا ۽ حڪومت انهن کي مهانگائي کان بچائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. وزيراعظم اسل??م آباد ۾ رمضان دوران غريب ۽ وچولي ط??قي کي مفت اٽي جي فراهمي جو فيصلو ڪيو آهي، اسڪيم تحت اسل??م آباد جي 10 لک ماڻهن کي رمضان المبارڪ ۾ مفت اٽو فراهم ڪيو ويندو. وزيراعظم سنڌ، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان کي به ان اسڪيم ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏيندي چيو ته رمضان المبارڪ ۾ غريب ۽ وچولي ط??قي جي مسئلن کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. وزيراعظم ??دايت ڪئي ته مفت اٽي جي ورڇ کي شفاف بڻائڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو وڃي. وزيراعظم جي هدايت تي موٽرسائيڪل ۽ رڪشا وارن کي مهانگائي جي اثرن کان بچائڻ جو پروگرام تيار ڪيو ويو آهي، پروگرام تحت موٽرسائيڪل ۽ رڪشا وارن کي سستي پيٽرول جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي.
وزيراعظم پاران موٽرسائيڪل ۽ رڪشا وارن کي رعايتي پيٽرول جي فراهمي جو اصولي فيصلو، وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ 10 لک ماڻهن کي رمضان المبارڪ ۾ مفت اٽو فراهم ڪيو ويندو، وزيراعظم پاران سنڌ، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان کي به ان اسڪيم ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت
مضمون کا ماخذ : ولف گولڈ