اسلام آباد – 30 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ناليواري اداڪار شڪيل جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سندس لاڏاڻو پاڪستان جي ڊراما انڊسٽري جي لاءِ هڪ وڏو نقصان آهي. پنه??جي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته 70ع جي ڏهاڪي کان ان جو نالو پاڪستان جي ڊراما انڊسٽري جي سنهري دور سان ڳنڍيل آهي، جڏهن ڊراما پنه??جي جاندار ڪردارن ۽ اداڪاري جي ڪري ناظرين کي محسور ڪندا هئا. هن چيو ته شڪيل پنه??جي لازوال ڪردارن ۽ شاندار اداڪاري جن سان منه??جي عمر جي ماڻهن جون قيمتي يادون وا??يل آهن، جي ڪري شهرت جي بلندين تي پهتو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جي مغفرت ۽ درجا بلند ڪري ۽ گهرڀاتين کي صبر جميل عطا فرمائي.
مضمون کا ماخذ : سلاٹ فادر