اسلام آباد-18 آگسٽ (اي پي پي)مشهور فنڪار، فلم پروڊيوسر ۽ هدايتڪار جمال شاهه نگران حڪومت ۾ وفاقي وزير طور حلف کڻڻ کانپوءِ قومي ورثي ۽ ث??افت واري وزارت جو دورو ڪيو ۽ پنهنجي عهدي جي چارج سنڀالي. قومي ورثي ۽ ث??افت واري وفاقي وزير ذميواريون سنڀالڻ کانپوءِ وزارت جي سيڪريٽري فارينه مظهر ۽ قومي ورثي ۽ ث??افت واري ڊويزن جي ٻين آفيسرن سا?? ملاقات ڪئي. وفاقي سيڪريٽري وفاقي وزير جمال شاهه کي تعارفي بريفنگ ڏني ۽ کيس هيريٽيج اينڊ ڪلچر ڊويزن جي ڪم جي باري ۾ آگاهه ڪيو. آفيسرن کي خطاب ۾ وفاقي وزير چيو ته هو ملڪ ۾ ثقافت ۽ فنڪار برادري جي بهتري ۽ ترقي لاءِ ڪ?? ڪندو. جمال شاهه چيو ته هن ان عهدي کي ه?? چئلينج طور قبول ڪيو آهي ۽ هو پنهنجون ذميواريون پوري محنت ۽ شوق سا?? نڀائيندو.
مضمون کا ماخذ : راکی