ڪراچي – 23 – آگسٽ (اي پي پي) نگران ??زيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ڪراچي پاڪستان جو معاشي مرڪز آهي، ڪاروباري برادري جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا، پنهنجي مقرر مدي ۾ ملڪ جي لاءِ جيڪو ڪجهه ٿي سگهيو ڪنداسين. هن اهڙن خيالن جو اظهار هن ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعتن سان تعلق رکندڙ ڪاروباري شخصيتن سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي سنڌ جو گورنر ڪامران ??يسوري پڻ موجود هو. وزيراعظم چيو ته ڪراچي بلوچستان جي عوام جو ٻيو گهر آهي ۽ تعليم دوران اسان ??وڪلون گذارڻ ڪراچي ايندا هئاسين، بعد ۾ خبر نه آهي ڪنهن جي هن شهر کي نظر لڳي وئي ۽ هي شهر جيتريون خوشيون ڏئي رهي?? هو ائين ئي هتي ڏک به ڏٺا ويا. ڪراچي مختلف رنگ ۽ نسل ۽ زبان ڳالهائيندڙ ماڻهن جو گلدستو آهي. الله تعاليٰ سان جي دلين کي ڳنڍيندو ۽ گڏيل نفرتن کي ختم ڪندو ۽ پوءِ هڪ نئين ڪراچي ۽ نئين پاڪستان جي شروعات ٿيندي ۽ اهو ئي اهو پاڪستان ??وندو جنهن جو علامه محمد اقبال خواب ڏٺ?? هو ۽ ان جي قيام جي لاءِ قائداعظم محمد علي جناح جدوجهد ڪئي هئي. قائداعظم عام ماڻهن جي لاءِ پاڪستان ??اهي?? هو ۽ هو عام ماڻهو جو اڳواڻ هو. الله تعاليٰ کيس بصيرت عطا ڪئي هئي. اسان جي خطي ۽ پاڙيسريت ۾ جهڙي طرح مسلمان ڀائرن ۽ ٻين اقليتن جو حال آهي، اسان الله تعاليٰ جا شڪر ادا ڪريون ٿا ته ڪيتري وڏي نعمت قائداع??م جي بصيرت جي ڪري اسان کي حاصل ٿي ۽ هو ايندڙ حالتن کي پرکي چڪ?? هو ۽ هن عملي جدوجهد ڪري اسان جي لاءِ هڪ جدا وطن حاصل ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسان ??يامت تائين انهن جا احسان ??ند رهنداسين. ان احسان ??ندي جي گهرج آهي ته جنهن مقصد جي لاءِ پاڪستان ??ائم ٿيو ان کي حاصل ڪرڻو آهي ۽ ان موجب زندگي گذارڻي آهي. اسان کي گڏيل احتر??م ۽ رواداري کي فروغ ڏيڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته اسلام اسان کي هڪ ٻئي جو مال ناحق طريقي سان کائڻ کان ??نع ڪري ٿو. هڪ ٻئي جي عزت ۽ احتر??م ۽ برداشت ۽ تحمل سان 92 سيڪڙو مسئلا حل ٿي سگهن ٿا. وزيراعظم چيو ته ڪاروباري ماڻهن جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا، سنڌ جو گورنر ۽ چيف سيڪريٽري ان حوالي سان توهان سان رابطي ۾ رهندا. ڪيترائي معاملا حل ٿي ويندا ۽ شايد ڪجهه حل نه ٿي سگهن. اسان ??ڪ ٻئي جي مجبورين ۽ حدن کي سمجهون ٿا پر ڪوشش ڪنداسين. پنهنجي مقرر مدي ۾ احسن طريقي سان ??نهنجو فرض ادا ڪنداسين.
ڪراچي پاڪستان جو معاشي مرڪز آهي، ڪاروباري برادري جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا، پنهنجي مقرر مدي ۾ ملڪ جي لاءِ جيڪو ڪجهه ٿي سگهيو ڪنداسين: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : پشاور لاٹری