نيويارڪ – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته اسرندڙ ملڪن کي ترقي هدف حاصل ڪرڻ ۾ وسيلن جي کوٽ درپيش آهي، پائيدار ترقي جي لاءِ هڪ جهڙي ترقي ضروري آهي، ڪوويڊ – 19 جي ??المي وبا، موسمياتي تبديلين ۽ تڪرارن جي ڪيترن ئي بحرانن اسرندڙ ملڪن جي معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، ايندڙ ڪوپ – 28 ۾ پاڪستان موسمياتي انصاف خاص طور تي 100 ارب ڊالر ڪلائميٽ فنڊز جي فراهمي جي ??علان تي عملدرآمد جو منتظر آهي. هو نيويارڪ ۾ ايس ڊي جيز سربراهن ۾ فنانس ۽ سيڙپڪاري کي متحرڪ ڪرڻ ۽ ايس ڊي جيز حاصل ڪرڻ جي لاءِ لاڳو ڪرڻ جي ??ريعن جي ڊائيلاگ 6 ۾ ڳالهائي رهيو هو. هتي ملنلدڙ پريس ريليز موجب نگران وزيراعظم وسيلن ۽ سيرپڪاري بابت ايس ڊي جيز سمٽ ليڊرز ڊائيلاگ ۾ شرڪت ڪئي. 18 کان 19 سيپٽمبر تائين ٿيندڙ ايس ڊي جيز سربراهي ڪانفرنس 2030ع جي ??يجنڊا ۽ پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪوششن جي نشاندهي ڪري ٿي. نگران وزيراعظم پنهنجي ??يالن جو اظهار ڪندي ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ايجنڊا 2030ع کي اختيار ڪرڻ جي 8 سالن کانپوءِ ايس ڊي جيز هدف حاصل ڪرڻ تي رڳو 12 سيڪڙو اڳڀرائي ٿي سگهي آهي. معاشي اڻبرابري پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهي. پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ اسرندڙ ملڪن کي وسيلا فراهم ڪرڻا پوندا. ڪوويڊ – 19 جي ??المي وبا، موسمياتي ۽ تڪرارن جي ڪيترن ئي بحرانن اسرندڙ ملڪن جي معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. غربت ۽ غذائي تحفظ ۾ انهن تڪرارن جي ??بب اضافو ٿيو آهي جڏهن ته ??ن ۾ اخلاقي طور تي ڏيوالپڻو عالمي مالياتي ڍانچي جي ڪري وڌيڪ اضافو ٿيو آهي. نگران وزيراعظم زور ڏيندي چيو ته ايندڙ ڪوپ – 28 ۾ پاڪستان موسمياتي انصاف جو منتظر آهي جنهن ۾ موسمياتي فنانس ۾ ساليانو 100 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي فراهمي جي واعدي جي ??ڪميل ان جو اڌ حصو موسمياتي هڪجهڙائي جي لاءِ رکڻ ۽ نقصانن جي لاءِ ف??ڊ جي فوري شروعات شامل آهي. نگران وزيراعظم ايس ڊي جيز سربراهه اجلاس جي پڌرنامي ۾ پاڪستان ۽ ٻين اسرندڙ ملڪن پاران پيش ڪيل ڪيترين ئي تجويزن کي شامل ڪرڻ جي ??جيان ڪئي، انهن ۾ گهڻ رخي ترقياتي بئنڪن جي ??لد سيڙپڪاري، خصوصي ڊرائنگ رائٽ جي ٻيهر چينلنگ، عالمي مالياتي فن تعمير جي ??رقي ۽ سڌارن ۽ سيڪريٽري جنرل جي ??يس ڊي جيز محرڪ جي ??وثيق شامل آهي. نگران وزيراعظم انهن معاهدن تي فوري عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ جنرل اسيمبلي جو ورڪنگ گروپ ٺاهڻ جي ??جويز ڏني.
اسرندڙ ملڪن کي ترقي هدف حاصل ڪرڻ ۾ وسيلن جي کوٽ درپيش آهي، پائيدار ترقي جي لاءِ هڪ جهڙي ترقي ضروري آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : números quina hoje