اسلام آباد – 27 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مرضن جي اعلان کان وڌيڪ بچاءُ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ بيمارين جو علاج مهانگو آهي، صحت جي نظام تي بار پوي ٿو، بيمارين کان بچاءُ سان ملڪ جي صحت جي نظام تي دٻاءُ ۾ گهٽتائي ايندي، ماڻهن ۾ احتياطي تدبيرن بابت شعور اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. هو پاڪستان نيشنل هارٽ ايسوسيئيشن (پناهه) جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائي رهيو هو. پناهه جي صدر ميجر جنرل (ر) مسعود الرحمان ڪياني صدر کي غيرمتعدي بيمار??ن ۽ دل جي مرضن جي حوالي سان پناهه جي ڪردار بابت بريفنگ ڏني. صدر چيو ته غيرمتعدي مرضن ۽ دل جي مرضن جي روڪٿام لاءِ آگاهي پيدا ڪرڻي پوندي. بيمارين کان بچاءُ جي لاءِ ميڊيا، مقامي آبادي، مسجدن ۽ غيرسرڪاري تنظيمن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، آگاهي پيغام وڏي پئماني تي ماڻهن ت??ئي?? پهچائڻ جي لاءِ جديد پليٽ فارمز کي استعمال ۾ آندو وڃي. وفد صدر کي مختلف بيمارين بابت آگاهي، ڪنٽرول ۽ تربيت جي حوالي سان پناهه جي سرگرمين بابت ٻڌايو ته پنهنجي قائم ٿيڻ کان وٺي هيست??ئي?? پناهه عوامي آگاهي جي لاءِ مختلف پليٽ فارمز جو استعمال ڪ??ي رهي آهي، پناهه هيست??ئي?? آگاهي واڪس، سيمينارز، ليڪچرز ۽ تربيتي سيشنز جو اهتمام ڪري چڪي آهي، پناهه صحتمنداڻي سرگرم??ن ۽ طرز زندگي بابت به آگاهي پيدا ڪري ٿي. وفد صدر کي پناهه جي سرگرم??ن ۽ ڪارڪردگي جي حوالي سان رپورٽ پڻ پيش ڪئي. صدر بيمارين خاص طور تي دل جي مرضن جي حوالي سان آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ پناهه جي ڪردار کي ساراهيو.
پاڪستان ۾ بيمارين جو علاج مهانگو آهي، صحت جي نظام تي بار پوي ٿو: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : jogos de loteria Nordeste