اسلام آبا?? – 06 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي شفاف ٽرائل نه ملڻ جي سپريم ڪورٽ جي راءِ تي بلاول ڀٽو زرداري، نامزد صدر آصف علي زرداري، پيپلزپارٽي قيادت ۽ ڪارڪنن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته تاريخي غلط?? جو ازالو ممڪن نه آهي پر سنگين غ??طي جي اعتراف سان هڪ نئين تاريخ، هڪ نئين روايت قائم ٿي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته عدالت کان ٿيندڙ زيادتي کي عدالت جو صحيح ڪرڻ م??بت اڳڀرائي آهي. هن چيو ته ڀٽو ريفرنس ۾ سپريم ڪورٽ جي متفقه راءِ قومي سطح تي تاريخ ک?? صحيح ڏس ۾ سمجهڻ ۾ مددگار ٿيندي. ماضي جي غلطين جي درستگي ۽ تلخين جي خاتمي سان ئي قومي اتحاد ۽ ترق?? جو عمل تيز ٿي سگهي ٿو.
مضمون کا ماخذ : فا فا فا ۔