اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) ??اڪ??تان ۽ تنزانيه 12 مارچ تي دارالسلام ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو افتتاحي اجلاس منعقد ڪندا. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. ڳالهين ۾ ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (آفريقا) شهريار اڪبر ??اڪ??تاني وفد جي قيادت ڪندو جڏهن ت?? تنزانيه جي وفد جي قيادت پرڏيهي وزارت ۽ اوڀر آفريقي تعاون جي ڊائريڪٽر ايشيا سالواتور ايمبيليني ڪ??دو. ترجمان چيو ته ??اڪ??تان ۽ تنزانيه جي وچ ۾ گڏيل احترام ۽ اعتماد تي ٻڌل ويجها ۽ خوشگوار لاڳاپا آهن. تنزانيه آفريقي کنڊ ۾ ??اڪ??تان جو هڪ اهم واپاري حصيدار آهي. ٻطرفي سياسي مشاورت جي شروعات ٻطرفن لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ جي اسان جي گڏيل خواهش کي نظر ۾ رکندي ٿي آهي. هن چيو ته ٻطرفي سياسي مشاورت ??اڪ??تان ۽ تنزانيه جي وچ ۾ مشغوليت ۽ ڳالهه ٻولهه جي لاءِ هڪ اهم اداراجاتي فريم ورڪ طور تي ڪم ڪ??دو. هن چيو ته ٻئي ڌريون ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن ت?? خيالن جي ڏي وٺ ڪنديون، تعاون جون نيون راهون ڳولينديون ۽ علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪنديون.
پاڪستان ۽ تنزانيه 12 مارچ تي دارالسلام ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو افتتاحي اجلاس منعقد ڪندا
مضمون کا ماخذ : گرم گرم