اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بهتر مستقبل جي تعمير، سياسي ورڇ ?? نفرت ختم ڪرڻ جي ل??ءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته 9 مئي پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪاري ڏينهن طور ياد رکيو ويندو، نوجوانن کي رياستي اد??رن جي خلاف اتساهڻ بدران انهن جي صلاحيتن کي ملڪي مفاد ۾ استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي، ڪوڙ تي ٻڌل مهم جي خاتمي، حوصلا شڪني جي ل??ءِ طريقيڪار جوڙڻ جي ضرورت آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر چيو ته 9 مئي کي سياسي طور تي مشتعل هجوم سڄي ملڪ ۾ ڪهرام مچايو، مشعل هجوم سرڪاري ملڪيتن، فوجي ٺڪاڻن کي نقصان پهچايو. صدر آصف علي زرداري 9 مئي تي پر??شدد واقعن جي مذمت ڪندي چيو ته 9 مئي جي واقعن سان ملڪ جو تاثر بري طرح متاثر ٿيو، پر??شدد واقعن سان رڳو پاڪستان جي دشمنن جا مفاد پورا ٿيا، حملا رياستي رٽ، قانون جي حڪمراني ۽ اد??را ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش هئا، پر??من مظاهرا ۽ تعميري تنقيد جمهوريت جي روح آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان جي آئين ۾ جلسن ۽ اظهار راءِ جا بنيادي حق ڏنا ويا آهن، بنيادي حقن کي آئين ۽ قانون موجب انتهائي ذميواري سان استعمال ڪرڻ گهرجي، بنيادي حقن جو غلط استعمال ڪري تشدد تي اتساهڻ جي ڪنهن به ??وشش کي هرگز برداشت نه ڪنداسين، ذميوار جمهوريتن ۾ سياسي مفاد جي ل??ءِ رياستي ملڪيتن جي تباهي، ڀڃ ڊاهه ڪڏهن به ناهي ڏٺي. صدر آصف علي زرداري پاڪستان جي هٿياربند فوج ۽ ان جي اد??رن تي فخر جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستاني هٿياربند فوج مختلف خطرن ۾ قوم جي دفاع ۾ سڀ کان اڳتي رهي آهي، 9 مئي تي تشدد جي ذميوارن کي قانون موجب جوابده بڻائڻ گهرجي، پاڪستان کي اڳ ۾ ئي ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن، سياسي قوتن جي غيرذميواراڻي عمل سان ترقي جو عمل متاثر ٿئي ٿو. هن چيو ته سياسي قوتن جي غيرذميواراڻي عمل سان سماجي ۽ اقتصادي چئلينجز ۾ به وڌيڪ اضافو ٿئي ٿو، موجوده سياسي صورتحال گهرجائو آهي ته سموريون سياسي پارٽيون رواداري، جمهوري قدرن جي فروغ جي ل??ءِ ڪم ڪن، سموريون سياسي پارٽيون سياسي ڳالهه ٻولهه، قوم جي صحيح رخ ۾ رهنمائي جي ل??ءِ ڪم ڪن، سياسي پارٽيون پارليامينٽ، ميديا ۽ سول سوسائٽي جمهوريت کي مضبوط ڪن، قانون جي حڪمراني، رواداري، سياسي مڪالمي ۽ شموليت جي ڪلچر کي فروغ ڏين. صدر رياستي اد??رن جي خلاف سوشل ميڊيا تي بدنيتي تي ٻڌل مهم تي افسوس ۽ مذمت جو اظهار ڪيو.
9 مئي کي پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪاري ڏينهن طور ياد رکيو ويندو: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نتائج