اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) وزيراعظ?? محمد شهباز شريف ٽانڪ ڊيره اسماعيل خان ۽ باغ ضلعي خيبر ۾ پاڪ فوج جي دهشتگردن جي خلاف ڪامياب آپريشن تي آفيسرن ۽ جوانن کي خراج تحسين جڏهن ته شهادت ماڻيندڙ جوانن کي خراج عق??دت پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم باغ ضلعي خيبر ۾ آپريشن دوران شهادت ماڻيندڙ 5 جوانن ??ائيڪ محمد اشفاق بٽ، لانس نائيڪ سيد دانش افڪار، سپاهي تيمور ملڪ، سپاهي نادر صغير ۽ سپاهي محمد ياسين کي خراج عق??دت پيش ڪندي چيو ته پاڪ فوج جي جوانن ??نهنجي جانين جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ دهشتگرد عنصرن جي خاتمي لاءِ ڪا??رو??ئي ڪئي، الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند ۽ ان??ن جي گهرڀاتين کي صبر جميل عطا فرمائي. وزيراعظم چيو ته مون سميت پوري قوم شهيدن جي گهرڀاتين کي خراج عق??دت پيش ڪري ٿي، پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن ??لڪي سلامتي کي سدائين پنهنجي جانين تي فوقيت ڏني. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي ناسور جي ملڪ مان خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکنداسين، پوري قوم دهشتگردي جي خلاف ان جنگ ۾ پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي.
وزيراعظم پاران ٽانڪ ڊيره اسماعيل خان ۽ باغ ضلعي خيبر ۾ پاڪ فوج کي دهشتگردن جي خلاف ڪامياب آپريشن تي خراج تحسين
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعدادوشمار