شينزن – 04 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آه?? ته پاڪستان جديد ٽيڪنالاجي سان ملڪي زرعي شعبي جي پيداوار ۽ زرعي روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آه??، پاڪستان چين سان انفارميشن ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت، جديد زراعت ۽ ٻين شعبن ۾ حصيداري جي فروغ جو خواهشمند آه??. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب چين ڪميونسٽ پارٽي جي شينزن جي سربراهه ۽ گوانگ ڊونگ صوبي جي نائب سربراهه مينگ فينلي وزيراعظم شهباز شريف سان شينزن ۾ ملاقات ڪئي.
ملاقات ۾ مينگ فينلي وزيراعظم جي شينز اچڻ تي آجيان ڪئي ۽ کيس شينزن جي حوالي سان تفصيلي طور ??ي آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته ڪيترن ئي سالن کانپوءِ شينزن اچي دلي خوشي ٿي، شينزن جي حڪومت ۽ ان جي عوام جي مهمان نوازي تي ٿورائتو آه??ان. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي هماليه کان اونچي، سمنڊ جي گهرائي جيتري گهري ۽ ماکيءَ کان مٺي آه??، پاڪستاني قيادت ۽ عوام هر مشڪل وقت ۾ چين جي تعاون تي چيني قيادت ۽ ان جي عوام جي ٿورائتي آه??. وزيراعظم چيو ته پاڪستان چين جي ون چائنا پاليسي جي ڀرپور ??مايت ڪري ٿو، شينزن لاهور ??و سسٽر شهر ۽ گوانگ ڊونگ پنجاب جو سسٽر صوبو آه??، پاڪستان چين جي ترقي کان تمام گهڻو متاثر آه?? ۽ چين جي ترقي مان سکڻ چاهي ٿو. وزيراعظم چيو ته اسان جي حڪومت سي پيڪ ج?? ٻئي مرحلي ۾ پاڪستاني ۽ چيني ڪمپنين جي حصيداري ۽ سيڙپڪاري سان ملڪي روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آه??، پنهنجي دوري جي شينزن کان شروع ڪرڻ جو مقصد شينزن جي ترقي خاص طور ??ي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي جي ترقي مان سکڻ آه??.
وزيراعظم چيو ته پاڪستاني حڪومت جديد ٽيڪنالاجي سان ملڪي زرعي شعبي جي پيداوار ۽ زرعي روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آه??، پاڪستان چين سان انفارميشن ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت، جديد زراعت ۽ ٻين شعبن ۾ حصيداري جي فروغ جو خواهشمند آه??. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي سڀ کان وڏي طاقت ان جي نوجوان افرادي قوت آه?? جيڪا ملڪي آبادي جو 60 سيڪڙو آه??، شينزن ۽ پاڪستان ۾ اها هڪجهڙائي آه??، اميد ڪريان ٿو ته شينزن ۾ پاڪستاني شاگردن جي انگ ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. مينگ فينلي چيو ته اميد ڪريان ٿو ته توهان جي چيني اعليٰ قيادت خاص طور ??ي چيني صدر شي جن پنگ ۽ چيني وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ سان ملاقاتون ٻنهي ملڪن جي گڏيل لاڳاپن ۽ حصيداري جي فروغ جي حوالي سان لاڀائتيون ثابت ٿينديون، شينزن ۾ پاڪستاني شاگردن جو وڏو انگ تعليم حاصل ڪري رهيو آه??، پاڪستان ۽ شينزن جي وچ ۾ واپار جي فروغ جا وسيع موقعا موجود آه??.
ملاقات کانپوءِ مينگ فينلي وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد جي اعزاز ۾ آجياڻي جو اهتمام ڪيو. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، دفاع وارو وفا??ي وزير خواجه محمد آصف، منصوبابندي وارو وفا??ي وزير احسن اقبال، ناڻي ۽ اوڳاڙين وارو وفا??ي وزير محمد اورنگزيب، پيٽروليم وارو وفا??ي وزير مصدق ملڪ، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفا??ي وزير عطاءُ الله تارڙ، غذائي تحفظ وارو وفا??ي وزير راڻا تنوير حسين، واپار وارو وفا??ي وزير ڄام ڪمال خان، نجڪاري وارو وفا??ي وزير عبدالعليم خان ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه پڻ شريڪ هئا.