شينزن – 05 – جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته پاڪستان جا سمورا معاشي انگ اکر مثبت رخ طرف گ??مز?? آه??. پاڪستان ۾ مهانگائي جي شرح ۾ نمايان گهٽتائي آئي آه??، حڪومت اقتصادي سڌارن جي ايجنڊا تي ڌيان ڏنو آه??، اسان جي پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا 9 ارب ڊالر کان وڌي چڪا آه??، ناڻي واڌ 38 سيڪڙو کان وڌي وئي هئي جيڪا هاڻي گهٽ ٿي مئي ۾ 11 سيڪڙو تي اچي وئي آه??. چين جي شهر شينزن ۾ پاڪ چين ب??نس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته پاليسي فريم ورڪ ۽ پاليسين ۾ تسلسل حڪومت جو ڪم آه??، نجي شعبو هاڻي ملڪ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪندو، جڏهن ته ب??نس ڪانفرنس کي چين ۾ پاڪستان جي سفير خليل هاشمي خطاب ڪندي چيو ته ب??نس فورم ٻنهي طرفن کان مختلف شعبن ۾ تعاون ۽ حصيداري جي لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندو. شينزن ترقي جون منزلون طئي ڪرڻ جي حوالي سان هڪ مثال آه??. هي ب??نس ڪانفرنس ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معاشي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون جي فروغ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. ٻنهي ملڪن مان 500 ب??نس ليڊرن جي هتي شرڪت ان جي ڪاميابي جو ثبوت آه??. ايگزيڪيوٽو وائيس ميئر شينزن ٿائو خطاب ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي شينزن اچڻ جي آجيان ڪندي چيو ته گڏيل ب??نس فورم ڪاروباري شخصيتن کي موثر پليٽ فارم مهيا ڪيو. ان کان اڳ ڪانفرنس جي شروع ٿيڻ تي پاڪستان ۽ چين جا قومي ترانا وڄايا ويا.
پاڪستان جا سمورا معاشي انگ اکر مثبت رخ طرف گامزن آهن. پاڪستان ۾ مهانگائي جي شرح ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي: ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : علاقائی کلیدی الفاظ