اسلام آباد-11 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پاڪستان ۽ جر??ني وچ ۾ پارلياماني، سفارتي، اقتصادي ۽ معاشي سطح تي ٻطرفا ۽ يورپي يونين جي سطح تي بهترين تعاون موجود آهي، پاڪستان هن حصيداري کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو خواهشمند آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب اهڙو اظهار سينيٽ چ??ئرمين جر??ن پارليامينٽ جي ميمبر مائيڪل ملر جي اڳواڻي ۾ وفد سان پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات دوران ڪيو. سينيٽ چ??ئرمين ٻنهي ملڪن وچ ۾ پارلياماني مٽاسٽا کي هٿي وٺرائڻ جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته اعليٰ سطح جا گڏيل رابطا ٻنهي ملڪن جي ماڻهن کي ويجهو آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. سينيٽ چ??ئرمين ٻنهي ملڪن وچ ۾ پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا تي به زور ڀريندي چيو آهي ته پاڪستان هر سطح ۽ مختلف شعبن ۾ رابطن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جو خواهشمند آهي. سينيٽ چ??ئرمين سيد يوسف رضا گيلاني موسمياتي تبديلي بابت چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪوششون جاري رکڻ جي عزم کي ورجايو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري ڳاڻيٽو وڌائڻ ۽ اقتصادي تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سينيٽ چ??ئرمين پاڪستاني شاگردن کي اعليٰ تعليمي وظيفن جي فراهمي تي جر??ن حڪومت جو ٿورو مڃيو. سينيٽ چ??ئرمين جر??ن وفد کي ويزائون جاري ڪرڻ ۾ غير ??عم??لي دير سبب پيدا ٿيندڙ مشڪلاتن کان آگاهه ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته ويزائون جاري ڪرڻ ۾ غير ??عم??لي دير جي مسئلن کي جلد کان جلد حل ڪيو ويندو. سينيٽ چ??ئرمين يوسف رضا گيلاني وڌيڪ چيو ته پاڪستان ڳالهين ۽ سفارتڪاري ذريعي عالمي تڪرارن جي پرامن حل تي يقين رکي ٿو ۽ پاڪستان عالمي سطح تي امن، استحڪام کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پرعزم آهي. سينيٽ چ??ئرمين چ??و ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن صرف گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ڪشمير تڪرار جي پرامن حل تي ٻڌل آهي. هن چ??و ته ڀارت منظم طريقي سان ڪشميري عوام کي انهن جي بنيادي انساني حقن ۽ آزادي کان محروم ڪري رهيو آهي. ڀارتي فوج والاريل ڪشمير ۾ خوف ۽ هراس جو ماحول قائم ڪري رکيو آهي. هن چ??و ته انساني حقن جي فراهمي يورپي ملڪن جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. هن چ??و ته دنيا ڀارت جي غير قانوني طور قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ ۽ سياسي انجنيئرنگ کي روڪڻ لاءِ ڀارت تي پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪري. هن چ??و ته فلسطين جي موجوده صورتحال به انتهائي افسوسناڪ آهي. غزه ۽ رفح ۾ معصوم شهرين خلاف اسرائيلي اڳرائي رڪجي نه سگهي. عالمي برادري فلسطينين خلاف ظلمن کي روڪڻ لاءِ ٺوس قدم کڻي ۽ خطي ۾ امن لاءِ مسئلي جو مناسب ۽ قابل قبول حل ڪڍڻ لاءِ ڪوششن کي تيز ڪيو وڃي. هن چ??و ته دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ انهن تڪرارن جو حل اڻٽر آهي. سينيٽر شيري رحمان، سينيٽر عرفان صديقي ۽ سينيٽر عبدالقار به پاڪستان جر??ني لاڳاپن کي اهم قرار ڏنو. سينيٽر شيري رحمان موسمياتي تبديلي جي حوالي سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعاون کي ساراهيو ۽ هڪٻئي جي تجربن مان فائدو کڻڻ تي زور ڀريو. سينيٽر عرفان صديقي تعليم ۽ وفدن جي مٽاسٽا جڏهن ته عبدالقادر توانائي جي شعبن ۾ مدد کي هٿي ڏيڻ تي زور ڀريو. سينيٽ چ??ئرمين ملاقات ۾ گهڻ رخي تعاون خاص ڪري تعليم، راندين، فوٽ بال، توانائي، صحت، ماحوليات ۽ موسمياتي تبديلين جي شعبن ۾ هڪٻئي جي تجربن مان فائدو کڻڻ ۽ مدد کي وڌائڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. سينيٽ چ??ئرمين چ??و ته اها ڳالهه خوشي جوڳي آهي ته عالمي فورمن جهڙوڪ آءِ پي يو ۽ سي پي اي جي پليٽ فارمن تي ٻنهي ملڪن ۾ بهترين لاڳاپا ڏٺا وڃن ٿا ۽ ان مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته ٻئي ملڪ دوستي جي بااعتماد رشتي ۾ جڙيل آهن. سينيٽ چ??ئرمين دفاعي شعبن ۾ تعاون کي به اهم قرار ڏنو. افغان پناهگيرن جو ذڪر ڪندي سينيٽ چ??ئرمين چ??و ته پاڪستان ۾ 3.5 ملين کان وڌيڪ افغان پناهگير گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پاڪستان ۾ رهندڙ آهن ۽ افغانستان ۾ امن پاڪستان جي بهتر مفاد ۾ آهي جڏهن ته انساني حقن جون ڀڃڪڙيون اسان لاءِ ڳڻتي جو سبب بڻيل آهن. اسان افغانستان کي خوشحالي، پرامن ۽ خودمختيار ڏسڻ چاهيون ٿا. هن وقت به پاڪستان ۾ افغان پناهگيرن جو وڏو انگ موجود آهي جن کي منتقل نه ڪيو ويو. هن چ??و ته جر??ني ان سلسلي ۾ تعاون ڪري. سينيٽ چ??ئرمين ان موقعي تي وفد کي ٻڌايو ته پاڪستان جي 60 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي ۽ انهن لاءِ پيشيوراڻي تربيت جا پروگرام متعارف ڪرائڻ جي ضرورت آهي ته جيئن انهن جي تخليقي صلاحيتن کي وڌيڪ نکاري سگهجي. هن چ??و ته پاڪستان ۽ جر??ني جي لاڳاپن کي 70 سال ٿي ويا آهن ۽ هي اسان جي لاءِ وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي ته دوستي جو هي رشتو هر گذريندڙ ڏينهن سان گڏوگڏ مضبوط کان مضبوط ٿي رهيو آهي. ان موقعي تي سينيٽ چ??ئرمين جر??ن پارليامينٽ جي سربراهه کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني. وفد جي اڳواڻ سينيٽ چ??ئرمين جو ٿورو مڃيو ۽ چيو ته پاڪستان جر??ني لاءِ هڪ اهم ملڪ آهي. هن به مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌائڻ تي زور ڀريو ۽ اها ڳالهه تسليم ڪئي ته پاڪستان موسمياتي تبديلين کان متاثر ٿيو آهي ۽ ٻئي ملڪ ان سلسلي ۾ گڏجي وڌيڪ ڪم ڪري سگهن ٿا.
پاڪستان ۽ جرمني وچ ۾ مختلف شعبن ۾ حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جا خواهشمند آهيون: سيد يوسف رضا گيلاني
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعدادوشمار