اسلام آباد-21 آگسٽ (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته جرمني سپلائي چين ڊيو ڊيليجنس ايڪٽ جهڙن قدمن ذريعي پائيدار ترقي جي هدفن کي حاصل ڪيو آهي. اهڙو اظهار هن ڪالهه جرمني جي اقتصادي تعاون ۽ ترقي واري وزير سوينجا شولز سان پنه??جي آفيس ۾ ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي ??لڪن وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي هٿ?? ڏيڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون. واپار واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي ٽيڪسٽائيل انڊسٽري جي مصنوعات جو عالمي سطح تي طلب ۾ اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ تربيت يافته مزدور موجود آهن. ڄام ڪمال جي ايس پي پلس اسٽيٽس کي حاصل ڪرڻ ۾ جرمني طرفان پاڪستان جي حمايت کي ساراهيو. ملاقات ۾ جرمن وزير شولز ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل جرمني ?? پاڪستان وچ ۾ پراڻي تاريخي لاڳاپن کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته ٽيڪسٽائيل سميت ??ين شعبن ۾ ڪيتريون ئي جرمن ڪمپنيون پاڪستان ۾ ڪاميابي سان ڪم ڪري رهيون آهن، ٻنهي ??لڪن وچ ۾ مضبوط ڪاروباري لاڳاپا قائم آهن. جرمن وزير سمورن شعبن ۾ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي اهميت تي زور ڀريو. ان موقعي تي وفاقي وزير ڄام ڪمال چيو ته عورتن جي ڪردار کي وڌائڻ لاءِ حڪومت پرعزم آهي. ملاقات ۾ نيشنل ڪمپلائنس سينٽر (اين سي سي) تي روشني وڌي، ٻنهي ??زيرن واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وفاقي وزير جرمن وزير کي واپار واري وزارت ۾ اچڻ تي چادر جو روايتي تحفو به پيش ڪيو.
واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان جرمني جي وزير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے بہترین ٹکٹ