اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آ??ي ته پارليامينٽرين کي پاڻ ۾ گڏجي و??هي ميثاق پارليامينٽ تي اتفاق ڪرڻ گهرجي، پنهنجي ضمير ۽ ذميواري موجب پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آ??ي. قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته ايوان جو ماحول سٺو آ??ي، الله ڪري ته ان ۾ وڌيڪ بهتري اچي. اسان بلاول ڀٽو زرداري، خواجه آصف، اسحاق ڊار، بئريسٽر گوهر، مصطفيٰ ڪمال، محمود خان اچڪزئي ۽ عاطف خان جا ٿورائتو آ??يون، اسان کي وسارڻ گهرجي ته ماضي ۾ ڇا ٿيندو رهيو آ??ي، اسان جي ليڊرشپ چاهي پاڻ ۾ گڏجي و??هي يا نه و??هي پر ڇا اسان جا پارليامينٽرين پاڻ ۾ گڏجي و??هي ميثاق پارليامينٽ تي اتفاق نٿا ڪري سگهون، ڇا اسان بهتري طرف نٿا وڃي سگهون. هن چيو ته اسان کي ماڻهن جي حقن ۽ مسئلن جي ڳالهه ٻاهر وڃي ڪرڻ بدران هن ايوان ۾ ڪرڻ گهرجي، پر آئين جي دائري ڪار ۾ رهندي ڳالهه ڪرڻ گهرجي، جڏهن چيف وهپس جي گڏجاڻي ٿي هئي ان ۾ چيو ويو هو ته حڪومتي اتحاد کي وڌيڪ ??قت ملڻ گهرجي پر رڪارڊ مان ثابت ٿيو آ??ي ته اسان مخالف ڌر کي وڌيڪ ??قت ڏنو آ??ي ڇاڪاڻ ته مخالف ڌر هتي نه ڳالهائيندي ته ڪٿي ڳالهائيندي؟ مون پنهنجي ضمير ۽ ذميواري موجب پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آ??ي، مون قومي اسيمبل?? ۾ ??ٿان قدم کنيا آهن، سيڪيورٽي جي ذميواري سارجنٽ ايٽ آرمز ۽ ان سان گڏ موجود اهلڪارن جي هئي جنهن تي کين معطل ڪيو ويو، سي ڊي اي جي اسٽاف کي معطل ڪيو ويو ۽ کين هتان کان ٽرانسفر ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي. اسپيڪر چيو ته 17 ڊسمبر 2018ع تي اٽارني جنرل جي آفيس مان خواجه سعد رفيق جي حوالي سان هڪ خط اسان کي مليو جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته پروڊڪشن آرڊرز جاري نٿا ٿي سگهن، اهڙي طرح 22 جون 2019ع ۽ 6 آگسٽ 2019ع تي به اسان کي انهي نوعيت جا خط مليا هئا. هن چيو ته غلط شيءَ ڪنهن شيءَ کي درست نٿي ڪري سگهي، جيڪو به مناسب هوندو مان پنهنجي ذميواري پوري ڪندس ۽ ان واقعي جي تهه تائين پهچي ويندس. هن چيو ته مخالف ڌر ۽ حڪومت ٻنهين کي اسپيڪر سان گڏجي ويهڻ گهرجي.
ميثاق پارليامينٽ تي اتفاق ٿيڻ گهرجي، پنهنجي ضمير ۽ ذميواري موجب پنهنجو ڪردار ادا ڪيو: سردار اياز صادق
مضمون کا ماخذ : لاٹری کھیلنے کا طریقہ