اسلام آباد- پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ??مي?? سڄي د??يا ۾ بزرگن جو عالمي ڏهاڙو اڱاري ڏينهن ملهايو ويو. ان ڏينهن جي ملهائڻ جو بنيادي مقصد بزرگ ماڻهن جي حقن، فلاح ۽ بهبود جي حوالي سان آگاهي فراهم ڪرڻ آهي. گڏيل قومن جي انگن اکرن مطابق 2013ع ۾ سڄي د??يا ۾ بزرگن جو انگ 84 ڪروڙ 10 لک هو جڏهن ته 2050ع تائين سڄي د??يا ۾ اهو انگ 2 ارب تائين وڌي ويندو ۽ ان وقت هر 10 بزرگن مان 8 جو واسطو گهٽ ترقي يافته ملڪن سان هوندو. واضح رهي ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي 14 سيپٽمبر 1990ع ۾ ??ر سال پ??رين آڪٽوبر تي بزرگ ماڻهن جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جي قرارداد منظور ڪئي هئي. جنهن بعد ??ر سال پ??رين آڪٽوبر تي بزرگ ماڻهن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي. بزرگن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي سرڪاري ۽ نجي ادارن جي انتظام هيٺ منعقد تقريبن ۾ بزرگن جي مسئلن، انهن جي حل ۽ فلاح ۽ بهبود جي حوالي سان عوام ۾ شعور اجاگر ڪيو ويو.
سڄي ملڪ ۾ بزرگن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويو
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کے اعدادوشمار