دوحه – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي ٻن ڏينهن جي قطر جي د??ري دوران اڄ خميس ڏينهن مصروف ڏينهن گذاريندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري تفصيل موجب قطر جي امير شيخ تميم بن حماد الثاني سان ملاقات ڪندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو. هو قطر جي وزيراعظم محمد بن عبدالرحمان بن جاسم الثاني سان ملاقات پڻ ڪندو. وزيراعظم سان قطر بزنس مين ايسوسيئيشن جو وفد پڻ ملاقات ڪندو. ٻئي طرف وزيراعظم قطر ميوزيم ۾ ”منظر آرٽ ايگزيبيشن: 1940ع کان هيستائين پاڪستان ۾ آرٽ ۽ آرڪيٽيڪچر“ جو افتتاح ڪندو. وزيراعظم جي قطر جي د??ري ۾ وفاقي وزير خواجه محمد آصف، ڄام ڪمال خ??ن، محمد اورنگزيب ?? عطاءُ الله تارڙ گڏ آهن.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا ٹکٹ کیسے خریدیں