اسلام آباد-20 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا حڪومتي اتحادين سميت پاڪستان پيپلزپارٽي جي 26 هين آئيني ترميم جو تجويز ڪيل مسودو منظور ڪري ورتو آهي جڏهن ته ??زي??اعظم محمد شهباز شريف چيو ته ڪابينا ملڪي ترقي ۽ عوامي ڀلائي جي حلف جي پاسداري ڪندي ملڪي مفاد ۾ فيصلو ڪيو آهي. آچر ڏينهن ??زي??اعظم آفيس جي پريس ونگ مان جاري ڪيل بيان موجب ??زي??اعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ قانون واري وفاقي ??زي?? 26 هين آئيني ترميم تي ٻيهر تفصيلي بريفنگ ڏني. وفاقي ڪابينا حڪومتي اتحادين سميت پاڪستان پيپلزپارٽي جي 26 هين آئيني ترميم جو تجويز ڪيل مسودو منظور ڪري ورتو. ??زي??اعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان ??ي ترقي، خوشحالي ۽ ملڪي حالتن جي بهتري لاءِ ڪابينا بهترين فيصلو ڪيو. پوري قوم کي 26 هين آئيني ترميم جي ڪابينا مان منظوري تي مبارڪ هجي. هن چيو ته ڪابينا ملڪي ترقي ۽ عوامي ڀلائي جي حلف جي پاسداري ڪندي ملڪي وسيع مفاد ۾ فيصلو ڪيو. الله جي فضل ۽ ڪرم سان ملڪي معيشت جي استحڪام کانپوءِ ملڪ جي آئيني استحڪام ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ هڪ سنگ ميل عبور ٿيو. عوام سان ڪيل پنهنجي واعدي موجب ملڪ ??ي ترقي، خوشحالي ۽ استحڪام لاءِ محنت جاري رکنداسين. هن اتحادي پارٽين جي سربراهن جو خصوصي شڪريو ادا ڪيو. ??زي??اعظم، پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، نائب ??زي??اعظم ۽ پرڏيهي ??زي?? اسحاق ڊار، قانون واري ??زي?? سينيٽر اعظم نذير تارڙ، گهرو ??زي?? محسن رضا نقوي، راڻا ثناءُ الله ۽ سڌ سماءَ وارو وفاقي عطا الله تارڙ جي ڪوششن کي ساراهيو.
وفاقي ڪابينا حڪومتي اتحادين سميت پاڪستان پيپلزپارٽي جي 26 هين آئيني ترميم جو تجويز ڪيل مسودو منظور ڪري ورتو
مضمون کا ماخذ : میان میجک وائلڈ فائر