اسلام آباد- 24 ڊسمبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف وا??ي وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان پاڪستان ۾ ج??هوريه ترڪيه جي سفير عرفان نذير اوگلو ملاقات ڪئي. قانون وا??ي وزير نئين مقرر ٿيل ترڪيه جي سفير جي آجيان ڪئي. قانون ۽ انصاف وا??ي وزارت طرفان جاري بيان موجب قانون وا??ي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ ٻه طرفن ناتن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ لاءِ ترڪيه سان گڏجي ڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون. ٻنهي ملڪن وچ ۾ تاريخي، پُراڻن ۽ ڀائراڻن ناتن جو ذڪر ڪندي وفاقي وزير مختلف شعبن ۾ سهڪار جو يقين ڏياريو. ملاقات ۾ ڊجيٽلائيزيشن، ججن ??ي تربيت ۽ جيلن بابت سڌارن تي تعاون جو ورجا??ُ ڪيو ويو. قانون وا??ي وزير چيو ته ٽيڪنالاجي ۽ زراعت جي شعبن ۾ ترڪيه جهڙيءَ طرح ترقي ڪئي آهي پاڪستان ان مان سِکي سگهي ٿو. ٻنهي ڌُرين ڪيس مئنيجمينٽ سسٽم ۽ جيل مئنيجمينٽ سسٽم جي شعبن ۾ سهڪار تي اتفاق ڪيو. ترڪيه جي سفير شاندار آجيان تي قانون وا??ي وزير جو ٿورو مڃيو.
سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان پاڪستان ۾ جمهوريه ترڪيه جي سفير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : پاور بال