اسلام آباد – 10 – جنوري (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف پي آءِ اي جي يورپ جي لاءِ اڏامن جي بحالي کانپوءِ پيرس جي لاءِ پهرين اڏام جي روانگي تي عوام کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پي آءِ اي جي يورپ جي لاءِ اڏام جي بحالي سان ٻاهرئين ملڪ رهندڙ ??اڪستانين کي سهولت ٿيندي. وز??را??ظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وز??را??ظم چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ ??اڪستاني سڌوسنئون اڏامن مان فائدو کڻي سگهندا. اڏامن جي بندش سان قومي ايئر لائينز کي اربين ڊالر جو نقصان ۽ ان جي ساک متاثر ٿي. الله جي فضل ۽ ڪرم سان حڪومت قومي ايئر لائينز جو تشخص بحال ڪيو. وز??را??ظم چيو ته يورپ اڏامن جي بحالي کانپوءِ پي آءِ اي ترقي ط??ف گامزن آهي. ان حوالي سان نائب وز??را??ظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، هوابازي ۽ دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، لاڳاپيل سمورا ادارا، ان جا آفيسر ۽ اهلڪار ساراهه جي لائق آهن.
وزيراعظم پاران پيرس جي لاءِ پهرين اڏام جي روانگي تي عوام کي مبارڪباد
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک گولڈ