اسلام آباد-06 جنوري (اي پي پي) ناڻي واري وفاق?? وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته ملڪي معيشت، توانائي ۽ صنعتي شعبي کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ وقت سر ۽ مؤثر پاليسي قدم ضروري آهن. هن سمورين وزارتن ۽ کاتن کي هدايت ڪئي ته هو شفافيت ۽ ذميداريءَ جي اصولن کي نظر ۾ رکندي فيصلن تي ع??لد??آمد کي يقيني بڻائين ته جيئن قومي ترقيءَ جا هدف حاصل ڪري سگهجن. اهڙو اظهار هن ڪابينه جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ پيٽروليم وارو وفاق?? وزير مصدق مسعود ملڪ، توانائي وارو وفاق?? وزير سردار اويس احمد خان ??غاري، ناڻي ۽ اوڳاڙين بابت مملڪت?? وزير علي پرويز ملڪ ۽ لاڳاپيل وزارتن ۽ ڊويزنن جي وفاقي سيڪريٽرين ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس بچاءَ وار?? وزارت جي حق ۾ 1.945 ارب رپين جي فني ضمني گرانٽ (ٽي ايس جي) جي منظوري ڏني. اقتصادي رابطا ڪميٽي عورتن بابت قومي ڪميشن لاءِ 5.276 ملين رپين جي فني ضمني گرانٽ جي پڻ منظوري ڏني، جيڪا انساني حقن وار?? وزارت کي فنڊز جي ٻيهر ورڇ تي ٻَڌل آهي. اهي قدم پاڪستان ۾ صنفي برابري ۽ عورتن جي حقن کي هٿي وٺرائڻ جي حمايت لاءِ کنيا ويا آهن. سڌ سماءَ وار?? وزارت طرفان ??بلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت مالي سال 25-2024ع ۾ 15 رٿائن جي تڪميل لاءِ 2462.302 ملين رپين جي فني ضمني گرانٽ جي تجويز پيش ڪئي وئي جنهن کي اِي سي سي منظور ڪري ورتو. سڌ سماءَ وار?? وزارت ”ڪوريائي ڪلچر ويڪ“ ۽ 2024ع ۾ منعقد ٿيل شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومت جي سربراهن جي ڪائونسل جي اجلاس جي واجب الادا رقم جي ادائگي جي تجويز پيش ڪئي. اي سي سي 120.822 ملين رپين جي فني ضمني گرانٽ جي منظوري ڏني ته جيئن انهن تقريبن جا خرچ پورا ڪري سگهجن. تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاق?? وزارت ٽينور ٽريڪ سسٽم تحت فيڪلٽي ميمبرن جي پگهارن ۾ واڌ لاءِ 1.5 ارب رپين جي فني ضمني گرانٽ جي درخواست ڪئي. اي سي سي درخواست جي منظوري ڏني. گهرو وزارت شنگهائي تعاون تنظيم اجلاس 2024ع دوران سيڪيورٽي انتظامن، پُرتشدد مظاهرن دوران تباهه ٿيل سيف سٽي ڪئميرائن جي مرمت ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ضرورت لاءِ 650.357 ملين رپين جي فني ضمني گرانٽ جي درخواست ڪئي جنهن کي اي سي سي منظور ڪري ورتو. اي سي سي گهرو وزارت جي درخواست تي اسلام آباد سيف سٽي پروجيڪٽ جي بقايا معاهدي واري رقم جي 5 سيڪڙو ادائگي لاءِ ميسرز هواوي ??يڪنالاجيز ڪمپني لميٽيڊ کي 6.170 ملين آمريڪي ڊالر (تقريباً 1.72 ارب رپيا) ادا ڪرڻ جي منظوري ڏني. صنعتن ۽ پيداوار وار?? وزارت گودام ۽ لاجسٽڪس جي شعبي کي صنعت قرار ڏيڻ جي تجويز پيش ڪئي جنهن تي اي سي سي 15 آگسٽ 2024ع تي ڪيل فيصلي جي توثيق ڪئي. اي سي س?? وزيراعظم جي رليف پيڪيج تحت يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جا خرچ پورا ڪرڻ لاءِ 1.679 ارب رپين جي منظوري ڏني، شرط اهو آهي ته اها سبسڊي هلندڙ مالي سال جي لاءِ بجيٽ ۾ شامل ٿئي ۽ ان ??ُدي کانپوءِ ڪوبه واڌو خرچ نه کنيو وڃي. واپار وار?? وزارت ايڇ سي ايف سي-141 بي ۽ ايڇ سي ايف سي-142 بي سان ??ليل پوليول جي درآمد تي پابندي لاڳو ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي. اي سي سي ان ??ابنديءَ جي منظوري ڏني جيڪا جنوري 2025ع جي آخر کان ??وندي.
ملڪي معيشت، توانائي ۽ صنعتي شعبي کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ وقت سر ۽ مؤثر پاليسي قدم ضروري آهن: سينيٽر محمد اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : جیک اور بین اسٹالک