گڏيل قومن – 13 مارچ (اي پي پي) فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي رليف اينڊ ورڪس اداري(يو اين آر ڊبليو اي) جي ڪمشنر جنرل فلپ لازاريني چيو آهي ته اسرائيلي اختيارين طبي سامان ۾ قينچي موجود هجڻ تي امداد?? ٽرڪ کي غزه ۾ ??اخ?? ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. اردو نيوز مطابق يو اين آر ڊبليو اي جي سربراه ٻڌايو ته اسرائيلي اختيارين غزه لاءِ انساني بنيادن تي سامان سان ڀريل هڪ ٽرڪ کي واپس موڪلي ڇڏيو ڇو ته طبي ڪٽس اندر قينچي موجود هئي. هن اسرائيل تي ضروري طبي سامان روڪڻ جو ??لز??م لاڳو ڪيو. هن چيو ته اسرائيلي فوج بيهوشي جي دوائن ۽ پاڻي صاف ڪرڻ واري گو??ين جهڙي شين تي ان لاءِ پابندي لڳائي ته ان جو ٻيٽو استعمال ممڪن آهي. امدادي تنظيمن اسرائيلي اختيارين طرفان رمضان شريف دوران کجين جي (ترسيل جي) اجازت ڏين کان انڪار تي اهڙي طرح خدشن جو اظه??ر ڪيو آهي.
مضمون کا ماخذ : quina resultados anteriores