رياض-25 اپريل (اي پي پي) سعودي عرب جي موسميات کاتي موجب ملڪ جي مختلف عل??ئقن ۾ خميس کان اڱاري تائين برسات جو امڪان آهي. سعودي قومي موسمياتي مرڪز چيو آهي ته مڪي جي مختلف عل??ئقن ۾ تيز هوائن سان گڏ خميس کان اڱاري تائين برسات جو امڪان آهي. جڏهن ته رياض ريجن جي مختلف عل??ئقن ۾ پڻ برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. قومي مرڪز پاران جاري ڪيل رپورٽ کانپوءِ شهري دفاع واري کاتي شهرين کي احتياطي اپاءُ اختيار ڪرڻ ۽ محفوظ جاين تي رهڻ جي هدايت ڪئي آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڏيهي ۽ پرڏيهي ملڪ جي ٻوڏ ۽ ڌٻڻ وارن عل??ئقن ۽ وادين ۾ وڃڻ کان پاسو ڪن. جڏهن ته ان حوالي سان شهرين کي ايس ايم ايس ذريعي پڻ آگاهه ڪيو ويو آهي.
مضمون کا ماخذ : لوٹوفاسیل