هنوئي-21 جون (اي پي پي) ??وس جي صدر ولاديمير پيوٽن چيو آهي ته آمريڪا ۽ سندس اتحادي ملڪ جنگ جي ميدان ۾ ??وس کي اسٽريٽجڪ شڪست ڏيڻ چاهين ٿا پر ائين ممڪن ناهي، جيڪڏهن اسان جي ملڪ جو وجود خطري ۾ پئجي ويو ته اسان سمورن دستياب ذريعن کي استعمال ڪندي پنهنجو دفاع ڪرڻ تي مجبور ٿينداسين. هن پنهنجي ويٽنام جي دوري دوران پريس ڪانفرنس کي خ??اب ڪندي چيو ته اولهه کي اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته ??وس کي شڪست ڏيڻ ان جي عوام جي اتحاد سبب ناممڪن آهي. هن ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته يوڪرين جنگ سبب اولهندي ملڪن سان ??وس جي ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، هن چيو ته اولهه وارا ملڪ ظاهري طور اميد ڪن ٿا ته اسان ڪنهن به وقت خوفزده ٿي وينداسين، گڏ ئي اهو به چون ٿا ته اهي ميدان جنگ ۾ ??وس کي اسٽريٽجڪ شڪست ڏيڻ چاهين ٿا. ??وس لاءِ ان جو مطلب روسي رياست جو خاتمو آهي. ان جو مطلب روسي رياست جي هزار سالن جي تاريخ جو خاتمو آهي جيڪو ممڪن ناهي. روسي صدر اعتراف ??يو ته ايٽمي هٿيارن جي استعمال بابت ڪنهن به تڪراري جي پوري انسانيت لاءِ سنگين نتيجا هوندا، پر هن موقف اختيار ??يو ته جيڪڏهن ملڪ جو وجود خطي ۾ پئجي ويو ته روسي حڪومت سمورن دستياب ذريعن کي استعمال ڪندي پنهنجو دفاع ڪرڻ تي مجبور ٿيندي.
آمريڪا ۽ سندس اتحادين جي روس کي اسٽريٽجڪ شڪست ڏيڻ جي خواهش پوري نه ٿيندي: روس جو صدر
مضمون کا ماخذ : Loteria Instantânea