واشنگٽن – 09 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪي رياست ٽيڪساس جي ڏکڻ اوڀر سمنڊ ڪناري وارن علائقن ۾ سامونڊي طوفان بيرل سبب ??هٽ ۾ گهٽ 3 ڄڻا فوت ۽ وڏي پيماني تي تب??هي ٿي آهي. طوفان جي اثر هيٺ هلڻ واري تيز هوائن ۽ تيز برسات سبب هاءِ ويز جا ڪيترائي هنڌ پاڻي هيٺ اچي ويا، تيل جي فراهمي لاءِ استعمال ٿيندڙ بندرگاهون بند ڪيون ويون، 1300 کان وڌيڪ اڏامون ،ملتوي ۽ 27 لک کان وڌيڪ گهرن ۽ ڪاروباري هنڌن کي بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي. آمريڪي نيشنل هريڪين سينٽر مطابق طوفان بيرل جي شدت ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اضافي سبب ??يٽيگري 5 جي سامونڊي طوفان ۾ تبديل ٿيڻ بعد ميٽا گورڊا ۽ ٽيڪساس جي ٻين سامونڊي علائقن سان ٽڪرائجي ويو آهي جڏهن ته هيوسٽن تائين پهچ?? کان اڳ ان جي شدت ۾ گهٽتائي اچي وئي. بيرل ٽيڪساس پهچ?? کان اڳ ميڪسيڪو ۽ ڪيريبين ۾ به تب??هي مچائي ڇڏي جتي طوفان سبب ??هٽ ۾ گهٽ 11 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.
سامونڊي طوفان بيرل آمريڪي رياست ٽيڪساس ۾ تباهي مچائي ڇڏي، 3 ڄڻا فوت، 1300 اڏامون ملتوي، 27 لک گهرن ۽ ڪاروباري هنڌن جي بجلي معطل
مضمون کا ماخذ : میگا سینا پریمیو