اسلام آباد – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عبا??ي چيو آهي ته ملڪي معيشت جي لاءِ مشڪل وقت گذري ويو، ڇو ته ملڪ ۾ سيڙپڪاري جو ماحول مڪمل طور تي تبديل ٿي چڪو آهي ۽ ملڪ ترقي جي راهه تي گامزن ٿي ويو آهي. اهڙن خيالن جو هن نجي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي ڪيو. هن چيو ته سياسي حالتن ۽ پاليسين جو تسلسل هجي ته معاشي اس??حڪام به پيدا ٿئي ٿو، نواز شريف ايڪسپورٽ جو جيڪو واعدو ڪيو هو ان تي جلد عملدرآمد ڪرائينداسين، هلندڙ سال نومبر 2017ع ۾ لوڊشيڊنگ جو خاتمو ٿي ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو وقتي صدر موجود آهي، پارٽي جي راءِ موجب صدر چونڊيو ويندو. هن چيو ته پارٽي جي اندر ڪي اختلاف نه آهن. شاهد خاقان عبا??ي چيو ته 28 جولاءِ کانپوءِ اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف ملڪ ۽ پارٽي جي اندر ??ڌي?? مضبوط آهي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے بہترین ٹکٹ