مظفر آباد – 04 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ڪشمير مسئلو دنيا جي ضمير لاءِ هڪ چئلين?? آهي، ڪشميرين جو رت ۽ انهن جون قربانيون ڪڏهن رائيگان نه وينديون، ڪشمير جي باري ۾ پاڪستان جو ڪيس گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي بنياد تي آهي، سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشميرين کي ريفرينڊم وسيلي پنهنجي مستق??ل جو فيصلو ڪرڻ جو حق ڏنو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آزاد ڄمون ۽ ڪشمير قانونساز اسيمبلي ۽ ڪشمير ڪائونسل جي گڏيل اجلاس کي خ??اب ڪندي ڪيو.
مضمون کا ماخذ : کوئی شہزادی۔