باڪو – 27 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته آذربائيجان ۽ پاڪستان گ??يل مذهب، اخوت، تاريخ، ثقافت ۽ روايتن جي مضبوط رشتن ۾ ٻڌل آهن، پارلياماني سفارتڪاري جي فروغ سان ٻ??هي ملڪن جي وچ ۾ ٻه طرفي گ??يل لاڳاپن ۾ اضافو ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن آذربائيجان جي صدر الهام عليوو سان باڪو ۾ صدارتي محل ۾ ٿيندڙ ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي اسپيڪر اسد قيصر سان گڏ پاڪستان جي پارليامين وفد جا ميمبر به موجود هئا، اسپيڪر اسد قيصر چيو ته پاڪستان آذربائيجان سان توانائي، واپار ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٻين اقتصادي شعبن ۾ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ جو خو??هش??ند آهي، هن ڪشمير مسئ??ي تي آذربائيجان جي اڻٽر حمايت آذربائيجان جي صدر جو ٿورو ادا ڪيو ۽ کيس والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي پائمالين کان آگاهه ڪيو. هن آذربائيجان جي صدر ۽ عوام کي آرمينيا سان ٿيندڙ جنگ ۾ فتح تي مبارڪباد ڏني، هن ٻطرفي واپاري ماپي ۾ اضافي لاءِ ٻ??هي ملڪن جي واپار واري وزارت جو جوائنٽ ورڪنگ گروپ جوڙڻ جي تجويز ڏني. هن آذربائيجان جي صدر کي پاڪستان جو دورو ڪرڻ ۽ مجلس شوريٰ پارليامينٽ جي گ??يل اجلاس کي خطاب ڪرڻ به دعوت ڏني. آذربائيجان جي صدر الهام عليوو چيو ته آذربائيجان ڪشمير مسئ??ي تي پاڪستان جي اصولي موقف سان گڏ بيٺل آهي ۽ سمورن علائقائي ۽ عالمي فورمن تي پاڪستان جي موقف جي حمايت جاري رکندو.
آذربائيجان ۽ پاڪستان گڏيل مذهب، اخوت، تاريخ، ثقافت ۽ روايتن جي مضبوط رشتن ۾ ٻڌل آهن: اسد قيصر
مضمون کا ماخذ : کنگ میکر