اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي انشورنس محتسب جو حڪم برقرار رکندي چيو آه?? ته انشورنس ڪمپني پاليسي هولڊرز جي مفادن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي پابند آه??، صدر انشورنس ڪمپني کي شهري کي 57172 آسٽريلوي ڊالر جو مڪمل هيلٿ انشورنس ڪليم ادا ڪرڻ جي هدايت ڪندي انشورنس ڪمپني جي اپيل رد ڪري ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پا??ان جاري بيان موجب انشورنس ڪمپني ڪمزو?? بنيادن تي شهري کي انشورنس ڪليم جي رقم ادا ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو، شڪايت ڪندڙ (فهد محمود) ڪمپني کان والد جي آسٽريليا وڃڻ جي لاءِ 50 هزار آمريڪي ڊالر جي هيلٿ انشورنس پاليسي ورتي، آسٽريليا ۾ قيام د????ان شهري جي والد جو ٻه ڀيرا اسپتالن ۾ علاج ڪيو ويو، شهري هيلٿ انشورنس ڪليم داخل ??يو?? ڪمپني والد جي اسپتال ۾ رڳو پهريون ڀيرو داخل ٿيڻ جي ڪليم کي تسليم ??يو?? ٻئي داخلا جي دعويٰ کي اڳ کان موجود بيمارين کي لڪائڻ جي ڪري رد ڪري ڇڏيو جنهن تي شڪايت ڪندڙ وفاقي انشورنس محتسب سان رجوع ڪيو. انشورنس ڪمپني محتسب جي حڪم جي خلاف صدر کي اپيل داخل ڪئي، جنهن کي رد ڪيو ويو. صدر چيو ته پهرين کان موجود بيماري کي ثابت ڪرڻ جي ذميواري ڪمپني جي آه??، انشورنس ڪليم جي ترديد جي لاءِ موجود بيماري جي موجودگي ۽ پاليسي هولڊر جي ڄاڻ ۾ رکڻ بابت ناقابل ترديد ثبوت گهربل هوندا آه??. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڪمپني پا??ان اڳ کان موجود بيماري ثابت ڪرڻ جي لاءِ ڪا رپورٽ پيش نه ڪئي وئي، انشورنس ڪمپني پاليسي هولڊرز جي مفادن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي پابند آه??، پاليسي جاري ڪرڻ کان اڳ ڪمپني پا??ان مناسب احتياط جي ضرورت آه??، مناسب عمل مان گذرڻ کانسواءِ، پاليسي جاري ڪرڻ اهڙيون حالتون پيدا ڪري ٿو. صدر چيو ته هڪ پاليسي هولڊر پاليسي جاري ٿيڻ کانپوءِ پاڻ کي محفوظ سمجهي ٿو، ٻاهرئين ملڪ سفر ڪندڙ پاليسي هولڊر کي غيرملڪي سرزمين ۾ صحت جي مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو، ٻاهرئين ملڪ سفر ڪندڙ پاليسي هولڊر کي فوري طبي مدد جي فراهمي سفري انشورنس پاليسي جو اصل مقصد آه??. صدر چيو ته ڪمپني هڪ قائدم شده ادارو آه??، پاليسي جاري ڪرڻ کان اڳ موجود بيمارين جو پتو لڳائڻ جا سمورا ذريعا ميسر آه??. صدر چيو ته ڪمپني بنا ڪنهن اعتراض جي اڳ ۾ داخلا جي دعويٰ کي قبول ??يو?? ٻئي داخلا جي دعويٰ کي بنا جواز رد ??يو?? ناقص بنيادن تي ٻي دعويٰ جي ترديد بدانتظامي آه??. صدر چيو ته ٻئي ڪليم کي رد ڪرڻ غيرمنصفاڻو، غيرمعقول ۽ غيرلاڳاپيل بنيادن تي ٻڌل آه??، انشورنس ڪمپني (يونائيٽيڊ انشورنس آف پاڪستان لميٽيڊ) جي درخواست رد ڪئي وڃي ٿي.
وفاقي انشورنس محتسب جو حڪم برقرار، انشورنس ڪمپني پاليسي هولڊرز جي مفادن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي پابند آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : ڈریگن کی قسمت