اسلام آباد– 09 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ??يو آهي ته عوام عمران خان جا ڪوڙ، سازش ۽ تماشا ڄاڻي چڪي آهي، فوج ان جي ناهي هوندي جيڪو ان جي خلاف غليظ مهم هلائي، عوام ان جي ناهي هوندي جيڪي مل?? جي خلاف سازش ڪري. پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان جي بيان تي ردعمل جو اظهار ڪندي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته عوام يقينن عمران خان جو ڪوڙ، سازش ۽ تماشا ڄاڻي چڪي آهي، ان جي لاءِ هو ٻاهر نه نڪرندو، عمران خان گرفتار ٿيو ته فارن فنڊنگ، توشه خانه چوري ۽ پنهنجي ڌيءَ کي ظاهر نه ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ٿيندو. هن ??يو ته عمران خان جي خلاف جيترا ڪيسز آهن انهن سڀني ۾ هُو جوابدار آهي، عمران خان ذهني مريض آهي، ان جو ذهن شيطان جو گهر آهي، جيڪو هر وقت سازش جي لاءِ تيار رهي ٿو. اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته فوج ان جي ناهي هوندي جيڪو فوج جي شهيدن جي خلاف غليظ مهم هلائي ٿو، عوام ان جي ناهي هوندي جيڪو مل?? جي خلاف سازش ڪري ٿو ۽ عوام کي بکيو ۽ بيروزگار ڪري ٿو. هن ??يو ته جڏهن عمران خان تي حملو ٿيو ته پنجاب ۾ ان جي پنهنجي حڪومت ۽ ان جو پنهنجو وڏو وزير هو، جنهن ايف آءِ آر نه ڪٽي. عمران خا?? قاتلاڻي حملي جا الزام نه هڻي، ثبوت عدالت ۾ پيش ڪري.
عوام عمران خان جا ڪوڙ، سازش ۽ تماشا ڄاڻي چڪي آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی ترکیبیں