اسلام آباد – 09 ?? جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت هوابازي ڊويزن جي 8 جاري ۽ 4 نئين منصوبن جي لاءِ مجموعي طور تي 5450 ملين رپيا رکيا آهن. جاري ايندڙ مالي سال جي پي ايس ڊي پي جي دستاويز موجب هوابازي ڊويزن جي 8 جاري منصوبن جي لاءِ بجيٽ ۾ 5340 ملين رپيا جڏهن ته 4 نئين منصوبن جي لاءِ 110 ملين رپيا رکيا ويا آهن. هوابازي جي 8 جاري منصوبن ۾ اسلام آباد ا??ٽرنيشنل ايئرپورٽ ويجهو ڪسانه ڊيم کان آبپاشي نظام جي تعمير ملتان ۽ سکر ۾ موسم جي نگراني جي ريڊار سسٽم جي تعمير جا 2 منصوبا، نيو گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ جو ميگا منصو??و، اي ايس ??يس ??ڪيڊمي جي اپ گريڊيشن، اي ايس ??يس ??ڪيڊمي جي پي سي – ٽو منصوبي، تربت ايئرپورٽ تي اي ايس ??يس ??ي رهائشي عمارت جي تعمير ۽ ناران ۽ بالاڪوٽ ۾ پيشيواراڻي ۽ انتظامي سهولتن جي تعمير جا منصوبا شامل آهن. پي ايس ڊي پي موجب 8 جاري منصوبن ۾ گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي ميگا منصوبي جي لاءِ 5 هزار ملين رپيا رکيا ويا آهن، اهڙي طرح 4 نئين منصوبن ۾ پنجگور هوائي اڏي تي ڪوارٽر گارڊ ۽ ٻين سهولتن جي تعمير، فيصل آباد ا??ٽرنيشنل ايئرپورٽ تي عورت آفيسرن جي رهائشگاهن جي تعمير، گلگت هوائي اڏي تي اي ايس ??يس ??ي رهائشي عمارت جي تعمير ۽ مانسهره ۾ هوائي اڏي جي تعمير جي زمين جي خريداري جا منصوبا شامل آهن، جن جي لاءِ مجموعي طور تي 110 ملين رپيا رکيا ويا آهن.
پي ايس ڊي پي تحت هوابازي ڊويزن جي 8 جاري ۽ 4 نئين منصوبن جي لاءِ مجموعي طور تي 5450 ملين رپيا مختص
مضمون کا ماخذ : بڑا برا بھیڑیا۔