لاهور – 10 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان سروس لانگ مارچ ٽائرز گروپ جي چيئرمين جين يانگشينگ لاهور ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران سروس لانگ مارچ ٽائرز گروپ جي چيئرمين وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ته ڪمپني پاڪستان ۾ 300 ارب رپين جي وڌيڪ سيڙپڪاري ڪرڻ وڃي رهي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف سيڙپڪاري جي آجيان ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪاروباري برادري ۽ سيڙپڪاري کي وڌيڪ سهولت ??را??م ڪرڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙي پئي وڃي. سروس لانگ مارچ ٽائرز گروپ جي چيئرمين وڌيڪ ٻڌايو ته سيڙپڪاري کانپوءِ 2025ع ۾ ڪمپني پاڪستان مان 100 ملين ڊالر جا ٽائر برآمد ڪري سگهندي ۽ ان سيڙپڪاري سان پاڪستان ۾ اٽڪل هڪ هزار روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. هن وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ ??ڪو??ت جي سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار دوست پاليسين تي خراج تحسين پيش ڪيو. هن ٽائرز جي اسمگلنگ جي خاتمي جي لاءِ ??ڪو??تي قدمن تي و??يراعظم جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم سروس لانگ مارچ ٽائرز جي پاڪستان ۾ پنهنجي آپريشنز کي سگهه ڏيڻ جي قدم جي آجيان ڪئي. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي اضافي جي لاءِ ??ڪو??ت ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي، پاڪستان ۾ ڪاروباري برادري ۽ سيڙپڪارن کي وڌيڪ سهولت ڏيڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙي پئي وڃي. ملاقات ۾ ناڻي و??رو وفاقي و??ير محمد اورنگزيب ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي و??ير عطاءُ الله تارڙ پڻ شريڪ هئا.
وزيراعظم سان سروس لانگ مارچ ٽائرز گروپ جي چيئرمين جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : estatisticas dupla sena