مظفر آباد – 16 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڄمون ۽ ڪشمير عالمي سطح تي مڃيل تڪرار آهي جيڪو 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي حل طلب آهي، ڀار?? پنهنجي نام نهاد قانونسازي ۽ عدالتي فيصلن جي آڙ ۾ پنهنجي عالمي ذميوارين تان هٿ نٿو کڻي سگهي، پاڪستان ڪشميرين جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي سطح تي حمايت سد??ئي?? جاري رکندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڄمون ۽ ڪشمير جي حريت اڳواڻن جي وفد سان ڳاله??ئي??دي ڪيو جنهن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. وفد ۾ محمود احمد ساگر، غلام محمد صفي، سيد فيض احمد نقشبندي، الطاف حمد ڀٽ، شهزاد واني، اعجاز رحماني، زاهد اشرف ۽ الطاف حسين واني شامل هئا. ملاقات ۾ آزاد ڪ??مير جو وزيراعظم چوڌري انوارالحق ۽ وفاقي وزير پڻ موجود هئا. حريت اڳواڻن آزاد ڪ??مير جي تازي صورتحال تي ضابطو آڻڻ جي حوا??ي سان وزيراعظم جي ڪردار تي کيس خراج تحسين پيش ڪيو. حريت اڳواڻن ڄمون ۽ ڪشمير جي حيثيت جي حوا??ي سان ڀارت جي غيرقانوني هڪطرفي قدمن جي توثيق جي مذمت ۽ ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار تي پاڪستان حڪومت جا ٿورا مڃيا. وفد سان ڳاله??ئي??دي وزيراعظم چيو ته پاڪستن ڪشميرين جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي سطح تي حمايت سد??ئي?? جاري رکندو. هن چيو ته گيمبيا ۾ ٿيندڙ او آءِ سي اجلاس ۾ پاڪستان ڄمون ۽ ڪشمير جو ڪيس ڀرپور طريقي سان پيش ڪيو. هن چيو ته ڪشمير جو ڪيس عالمي سطح تي وڌيڪ بهتر طريقي سان اجاگر ڪرڻ جي لاءِ پرڏيهي وزارت ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني مشنز وڌيڪ بهتر طريقي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. هن چيو ته پاڪستاني ميڊيا ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن جي حوا??ي سان دنيا کي آگاهه ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. وزيراعظم ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام کي حريت اڳواڻن سان رابطا وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي هدايت پڻ ڪئي. وزيراعظم چيو ته اسان واضح طور تي ڀارتي غيرقانوني طور تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي حيثيت بابت ڀارت جي هڪ طرفي ۽ غيرقانوني قدم کي رد ڪ??يون ٿا. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير عالمي سطح تي مڃيل تڪرار آهي، جيڪو 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي حل طلب آهي. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جي مستقبل جو حتمي فيصلو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ٿيڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته ڀار?? پنهنجي نام نهاد قانونسازي ۽ عدالتي فيصلن جي آڙ ۾ پنهنجي عالمي ذميوارين تان هٿ نٿو کڻي سگهي.
ڄمون ۽ ڪشمير عالمي سطح تي مڃيل تڪرار آهي جيڪو 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي حل طلب آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : ہیوگو 2