شي – آن – 08 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان شي – آن ۾ شانسي صوبي جي ??ارٽي سربراهه (سيڪريٽري) جائو ايدا ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم پاڪستان ۽ شانسي جي ??چ ۾ زراعت، توانائي ۽ کاڻين جي کوٽائي جي شعبن ۾ تعاون جي ??عاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ جي ??اءِ پيٽروليم واري وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ جي سربراهي ۾ ڪميٽي ٺاهي ڇڏي. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب جائو ايدا شانسي جي ??يادت ۽ عوام پاران وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد جي آجيان ڪئي. وزيراعظم چيو ??ه شي – آن جي ??يادت ۽ ان جي عوام جي ??اڪستاني وفد جي شاندار استقبال تي ٿورائتا آهيون. وزيراعظم چيو ??ه شي – آن ۾ تاريخي جاين کي ڏسي چيني ڪاريگرن جي ??نرمندي متاثر ڪيو، چيني حڪومت خاص طور تي شانسي جي حڪومت بهترين طور تي پنهنجي تاريخي ۽ ثقافتي ورثي جي حفاظت ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ??ه اسان جي چين جي دوري دوران پاڪستاني فود کي تاريخي استقبال ڏنو ويو، گذريل ڏينهن چيني اعليٰ قيادت سان ڪامياب ملاقات رهي. وزيراعظم چيو ??ه صدي شي جن پنگ شاندار آجياڻي جو اهتمام ڪيو ۽ ان تي خوشگوار ڳالهه ٻولهه پڻ ٿي، پاڪستان ۽ چين ٻه مضبوط ڀاءُ آهن جن جي حصيداري، تعاون ۽ تاريخي ڀائراڻا لاڳاپا مثالي آهن، چين پاڪستان جي ??ر مشڪل وقت ۾ مدد ڪئي جنهن جي ??اءِ مون سميت پوري قوم ٿورائتي آهي. وزيراعظم چيو ??ه شانسي ڪوويڊ 19 دوران پاڪستانين جي ڀرپور مدد ڪئي، چيني قيادت جي ترقي پسنداڻي سوچ چين کي دنيا جي ??ڏي اقتصادي قوت بڻايو، شانسي جديد زراعت ۽ گرين انرجي ۾ پوري دنيا ۾ مثالي نالو رکي ٿو. وزيراعظم چيو ??ه پاڪستان ۽ شانسي جي ??چ ۾ زراعت ۾ تعاون جي دعوت ڏيان ٿو، پاڪستان شانسي کان جديد زراعت ۽ گرين انرجي جي شعبي مان تمام گهڻو ڪجهه سکي سگهي ٿو. وزيراعظم چيو ??ه حڪومت نه رڳو جديد زراعت پر زرعي جنسن جي ??راسيسنگ سان ان جي روانگي واپار جي ??اءِ قدم کڻي رهي آهي، حڪومت جي اولين ترجيح ملڪي روانگي واپار ۾ اضافو ۽ م??ڪ ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جو فروغ آهي. جائو ايدا وزيراعظم کي شانسي ۽ شي – آن جي اقتصاديات ۽ مصنوعات جي حوالي سان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو. جائو ايدا چيو ??ه پاڪستان ۽ شانسي جي ??چ ۾ واپار جي ??روغ جي ??اءِ وسيع موقعا موجود آهن، شانسي جي حڪومت پاڪستان جي زراعت ۽ گرين انرجي جي حوالي سان هر قسم جي ??عاونت جي ??اءِ تيار آهي، توهان جي چيني قيادت سان ملاقاتون ڪامياب ۽ ل??ڀائتيون رهيون جيڪا خوش آئنده ڳالهه آهي. جائو ايدا چيو ??ه شي – آن جي ??ونيورسٽين ۾ پاڪستاني شاگردن جو وڏو انگ تعليم پرائي رهيو ??هي، پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا گهرا ۽ مضبوط آهن. ملاقات کانپوءِ جائو ايدا وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد جي اعزاز ۾ مانجهاندو پڻ ڏنو. ملاقات ۾ وفاقي وزير خواجه محمد آصف، احسن اقبال، محمد اورنگزيب، عطاءُ الله تارڙ، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، سردار اويس خان لغاري ۽ راڻا تنوير حسين پڻ شريڪ هئا.
وزيراعظم محمد شهباز شريف سان شي – آن ۾ شانسي صوبي جي پارٽي سربراهه (سيڪريٽري) جائو ايدا جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا بونس