اسلام آباد-27 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ريبيز (ڇتي ڪتي جي چڪ پائڻ سان پيدا ٿيل ب??ما??ي) جو عالمي ڏينهن اڄ 28 سيپٽمبر تي ملهايو ويندو. گڏيل قومن جي صحت جي عالمي اداري جي سهڪار سان 2007ع کان هر سال اهو ڏينهن 28 سيپٽمبر تي ملهايو ويندو آهي. اهو ڏينهن ملهائڻ جو مقصد سڄي دنيا ۾ ريبيز جي ب??ما??ي جي حوالي سان آگاهي ۽ ان کان تحفظ بابت جاڳرتا پيدا ڪر?? آهي، ريبيز ڪتي جي چڪ پائڻ سبب پيدا ٿيل هڪ ب??ما??ي آهي، جيڪا دنيا جي قديم ب??ما??ين ۾ شامل آهي. ان ب??ما??ي جي علامت ۾ پاڻي کان ڊڄڻ، گلي ۾ سور، ساهه ٻوساٽجڻ جو احساس، جسم جي عضون جو چرپر نه ڪري سگهڻ، الٽي جي ڪيفيت ۽ الٽيون ٿيڻ، طبيعت هر وقت خراب رهڻ، ذهني مونجهارو ۽ هوش هواس وڃائڻ، مٿي جو سور، وات مان گج نڪرڻ، هوا کان ڊڄڻ، اوچتو گوڙ ٻڌي دورو پوڻ، ڳيت ڏيڻ ۾ شديد ڏکيائي پيش اچڻ ۽ ننڍ جو نه اچڻ شامل آهي. جيڪڏهن ريبيز ٿي وڃي ته ان جو علاج نٿو ٿي سگهي، پر ان جي ويڪسين جي وقت سر استعمال سان ريبيز کان بچي سگهجي ٿو.واضح رهي ته ريبيز رڳو ڪتي جي چڪ پائڻ سان نه پر ٻلي، لومڙي جهڙن جانورن جي چڪ پائڻ سان به هر سال هزارين ماڻهو ريبيز جي ب??ما??ي جو شڪار ٿي زندگي وڃائي ويهندا آهن. ان ۾ پالتو جانور به شامل ٿي سگهن ٿا.
پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ريبيز جو عالمي ڏينهن 28 سيپٽمبر تي ملهايو ويندو
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعداد و شمار