اسلام آباد -16 آڪٽوبر (اي پي پي) شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ (سي ايڇ جي) جو 23هون اج??اس وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ اربع تي هتي جناح ڪنوينشن سينٽر ۾ شروع ٿي ويو، وزيراعظم ايس سي او اج??اس ?? شرڪت ڪندڙ حڪومتي سربراهن جي اچڻ تي سندن شاندار استقبال ڪيو.ا جلاس ?? شريڪ ميمبر ملڪن جي اڪثر حڪومتي سربراهن ۽ وزيرن گذريل ڏينهن و??اقي گادي واري هنڌ اسلام آباد پهتا جڏهن ته چين جو وزيراعظم لي چيانگ اڳ ئي سرڪاري دوري تي پاڪستان ۾ آهي. شنگهائي تعاون تنظيم جي اج??اس ?? شرڪت لاءِ روس جو وزيراعظم ميخائيل مشوستن ۽ ايران جو معدنيا وارو وزير محم?? اتابڪ به پاڪستان پهچي ويا آهن. اج??اس ?? شنگهائي تعاون تنظيم جا اڳواڻ ايس سي او جي ميمبر ملڪن وچ ۾ معيشت، واپار، ماحوليات، سماجي ۽ ثقافتي رابطن جي شعبن ۾ جاري تعاون تي ڳالهيون ڪندا ۽ گڏيل لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ سان گڏوگڏ ٻين معاملن تي به غور ويچار ڪندا. ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ شنگهائي تعاون تنظيم جو ٻيو اعليٰ ترين فورم آهي جنهن جي سربراهي پاڪستان و?? آهي ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف هن و??ت ڪائونسل جي چيئر جي عهدي تي مقرر آهي. شنگهائي تعاون تنظيم جي ٻن ڏينهن واري سربراهي اج??اس ?? چين، روس، ڪرغزستان، بيلاروس، تاجڪستان، ترڪمانستان، قازقستان، منگوليا، ڀارت، ايران ۽ ٻين ملڪن جي اڳواڻن کان علاوه مبصر ملڪن ۽ ڊائيلاگ پارٽنرز شرڪت ڪري رهيا آهن. وزيراعظم محمد شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ جي جناح ڪنوينشن سينٽر اسلام آباد ۾ ٿيندڙ باضابطا اج??اس کان اڳ ميمبر ملڪن جي اڳواڻن جي آجيان ڪئي. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته پاڪستان ڪرغزستان جي گادي واري هنڌ بشڪيڪ ۾ آڪٽوبر 2023ع ۾ ٿيل اج??اس ?? سال 24-2023ع لاءِ حڪومتي سربراهن جي ڪائونسل جي چيئر سنڀالي هئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف گذريل رات شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي وفدن جي اعزاز ۾ ڊنر ڏنو جنهن ۾ چين، روس، تاجڪستان، ڪرغزستان، قازقستان، بيلاروس ۽ ترڪمانستان سميت ميمبر ملڪن جي اڳواڻن ۽ نمائندن به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار مهمانن جي آجيان ڪئي ۽ اج??اس ?? شرڪت تي انهن کي ڀليڪار چيو، ميزبان وزيراعظم شريڪ اڳواڻن سان گڏ تصويرون به ڪڍايون. اج??اس ?? منگوليا مبصر طور ايس سي او سربراهي اج??اس ?? شرڪت ڪري رهيو آهي. ايس سي او جي سيڪريٽري جنرل جانگ منگ ۽ ٻيون اهم شخصيتون به ايس سي او اج??اس ?? شرڪت ڪري رهيون آهن. شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ جي اج??اس کي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي افتتاحي خطاب کان پوءِ پرڏيهي وفدن جا سربراهه به خطاب ڪندا.
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ جو 23هون اجلاس شروع
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا اکومولڈا