اسلام آباد- 06 نومبر (اي پ?? پي) ملڪ ۾ تيل ۽ گئس جي پ??داوار ۾ هفتيوار بنيادن تي اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. پي پ?? آءِ ايس ۽ انڊسٽري جي انگن ا??رن مطابق 31 آڪٽ??بر تي ختم ٿيل هفتي ۾ ملڪ ۾ ڪچي تيل جي روزانو پيداوار 65582 بيرل رڪارڊ ڪئي وئي جيڪا گذريل هفتي جي ڀيٽ ۾ 2 سيڪڙو وڌيڪ آهي، گذريل هفتي دوران ملڪ ۾ ڪچي تيل جي روزانو پيداوار 64467 بيرل رڪارڊ ڪئي وئي هئي. انگن ا??رن مطابق 31 آڪٽ??بر تي ختم ٿيل هفتي ۾ ملڪ ۾ گئس جي روزانو پيداوار 2737 ايم ايم سي ايف ڊي رڪارڊ ڪئي وئي جيڪا گذريل هفتي جي ڀيٽ ۾ 2 سيڪڙو وڌيڪ آهي، گذريل هفتي ۾ ملڪ ۾ گئس جي روزانو پيداوار 2694 ايم ايم سي ايف ڊي رڪارڊ ڪئي وئي هئي. انگن ا??رن مطابق 31 آڪٽ??بر تي ختم ٿيل هفتي ۾ او جي ڊي سي ايل جي ڪچي تيل جي روزانو پيداوار 30582 بيرل، پي پ?? ايل 10620 بيرل، پي او ايل 1099 بيرل ۽ ماڙي گئس جي ڪچي تيل جي روزانو پيداوار 4227 بيرل رڪارڊ ٿي آهي. ساڳئي طرح 31 آڪٽ??بر تي ختم ٿيل هفتي ۾ او جي ڊي سي ايل جي گئس جي روزانو پيداوار 576 ايم ايم سي ايف، پي پ?? ايل 577 ايم ايم سي ايف ڊي، ماڙي گئس 755 ايم ايم سي ايف ڊي ۽ پي او ايل جي گئس جي روزانو پيداوار 60 ايم ايم سي ايف ڊي رڪارڊ ڪئي وئي.
ملڪ ۾ تيل ۽ گئس جي پيداوار ۾ هفتيوار بنيادن تي اضافو رڪارڊ
مضمون کا ماخذ : جوگوس ڈی لوٹیریا آن لائن